سعودي عرب جو پاڪستان ۾ وڌيڪ 60 ڪروڙ ڊالرز سيڙپڪاري جو اعلان

رياض( ويب ڊيسڪ)سعودي عرب پاڪستان ۾ سيڙپڪار ٻه ڏهائي ٻه ارب ڊالر مان وڌائي ٻه ڏهائي اٺ ارب ڊالر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن دوران سعودي وزير پاڪستان ۾ سيڙپڪاري 2.2 ارب ڊالر مان وڌائي 2.8 ارب ڊالر ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
خالد بن عبدالعزيز چيو ته هو جڏهن پاڪستان جي دوري تي ويو هو ان موقعي تي 27 مفاهمتي ياداشتن تي تحت 2.2 ارب ڊالر جي سيڙپڪار تي اتفاق ٿيو هو، پر تنهن وقت واضح ڪري ڇڏيو هو ته اِها شروعات آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ اضافو به ڪبو.
سعودي وزير طرفان وڌيڪ سيڙپڪاري جي اعلان تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مالي معاملن ۾ پاڪستان سان سهڪار تي سعودي ولي عهد جا ٿورائتا آهيون.
شهباز شريف چيو ته سعودي عرب سام گڏجي خوشحالي ۽ ترقي جون منزلون طئي ڪنداسين ۽ گڏيل هدف ماڻينداسين.
اختيارين موجب، وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ قطري امير جي دعوت تي اڄ دوحا روانو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.