دبئي( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) هفتيوار پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، قومي ٽيسٽ ٽيم جي نائب ڪپتان سعود شڪيل وڏو ٽپو ڏيندي ٽاپ ٽين ۾ شامل ٿي ويو آهي.
آءِ سي سي جي نئين پليئرز رينڪنگ موجب، سعود شڪيل 20 درجا ترقي ماڻيندي ستين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي، بابر اعظم به هڪ درجو ترقي بعد 19هين کان 18 هين نمبر تي اچي ويو آهي.
سعود شڪيل تازو ئي انگلينڊ خلاف کيڏيل ٽِن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پنج اننگز ۾ هڪ سينچري ۽ هڪ ففٽي جي مدد سان ٻه سئو اسي رنسون ٺاهيون هيون، هن آخري ۽ فيصلائتي ٽيسٽ ۾ پليئر آف دي ميچ جو اعزاز ماڻيو.
ٽيسٽ بيٽرز ۾ انگلينڊ جي جوءِ روٽ جي پهرين، نيوزيلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ڪين وليمسن جي ٻي پوزيشن آهي.
ڀارت جي نوجوان اوپنر يشسوي جئسوال هڪ درجو ترقي بعد ٽئين، جڏهن ته ويرات ڪوهلي 6 درجا تنزلي بعد 14 هين نمبر تي هليو ويو آهي.
نيوزيلينڊ جو راچن رويندرا به ٽاپ ٽين ۾ بيٽرز جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي، راچن اٺ درجا ترقي ماڻيندي ڏهين نمبر تي اچي ويو آهي.
You might also like