سرڪاري ملازمن لاءِ خوشخبري، ماهوار رينٽل سيلنگ ۾ واڌ جي تجويز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي ملازمن لاءِ سٺي خبر آهي ته هائوسنگ ۽ اڏاوتي کاتي سرڪاري ملازمن جي ماهوار رينٽل سيلنگ ۾ واڌ جو پلان تيار ڪري ورتو.
هائوسنگ وزارت رينٽل سيلنگ ۾ واڌ جو فارمولو منظوري لاءِ فنانس ڊويزن ڏانهن اُماڻي ڇڏيو ۽ فنانس ڊويزن جي راءِ اچڻ کانپوءِ وزارت حتمي منظوري لاءِ سمري وزيراعظم ڏانهن موڪليندي .
گريڊ هڪ کان ڏهه تائين جي ملازمن جي رينٽل سيلنگ ۾ سئو سيڪڙو واڌ، گريڊ 11 کان 16 تائين جي ملازمن جي سيلنگ ۾ 75 سيڪڙو اضافو جڏهن ته گريڊ 17 کان 22 تائين جي آفيسرن جي سيلنگ ۾ 50 سيڪڙو واڌ تجويز ڪئي وئي.
ذريعن موجب، تجويز آهي ته گريڊ هڪ ۽ ٻه جي اسلام آباد سان تعلق رکندڙ ملازمن لاءِ ماهوار سيلنگ 14058 رپيا ۽ ٻين شهرن لاءِ 13182 رپيا هجي جڏهن ته گريڊ 3 کان 6 جي ملازمن لاءِ اسلام آباد جي سيلنگ 21960 رپيا ۽ ٻين شهرين لاءِ 19308 رپيا تجويز ڪئي وئي آهي.
گريڊ 7 کان 10 لاءِ اسلام آباد جي سيلنگ 28705 رپيا ۽ بين شهرن لاءِ 25693 رپيا تجويز ڪئي وئي آهي.
گريڊ 11 کان 13 تائين لاءِ اسلام آباد جي سيلنگ 43302 رپيا ۽ ٻين شهرين لاءِ 37558 رپيا، گريڊ 14 کان 16 تائين لاءِ اسلام آباد جي سيلنگ 54399 رپيا جڏهن ته ٻين شهرن لاءِ 47788 رپيا تجويز ڪئي وئي آهي.
گريڊ 17 ۽ 18 لاءِ اسلام آباد جي سيلنگ 61720 رپيا ۽ ٻين شهرن لاءِ 53847 رپيا تجويز ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.