لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) قومي ٽيم جي آسٽريليا ۽ زمبابوي جي دوري ۽ ڏکڻ آفريڪا لاءِ محمد مسرور کي فيلڊنگ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، جيسن گليسپي جي سفارش تي محمد مسرور کي ٽيم جو فيلڊنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي، هو انگلينڊ خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن دوران به قومي ٽيم سان فيلڊنگ ڪوچ طور موجود هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جيسن گليسپي پاڪستان شاهينز جي آسٽريليا جي دوري جي موقعي تي مسرور جي ڪوچنگ جي طريقيڪار مان متاثر ٿيو هو.
ذريعن موجب، محمد مسرور جو پهريون ڀيرو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سان فل ٽائيم ڪوچنگ معاهدو ٿيو آهي، هو پاڪستان شاهينز ۽ انڊر 19 ٽيم سان ڪم ڪري چڪو آهي.
محمد مسرور 2018ع ۾ ويسٽ انڊيز خلاف هوم سيريز ۾ اسٽيور ڪسن جي اسسٽنٽ طور پڻ خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي، هو ڪراچي مان ٻين پليئرن سان گڏ آسٽريليا لاءِ اُڏام ڀريندو.
You might also like