اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب ايشيائي ترقياتي بئنڪ ماحولياتي ۽ قدرتي آفتن کان بچاءَ واري پروگرام لاءِ قرض جي منظوري ڏني.
ناڻي واري وزير اي ڊي بي جي صدر سان ملاقات دوران قرض جي درخواست ڪئي هئي.
اي ڊي بي جي صدر چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديليءَ کان متاثر ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي.
منظور ڪيل قرض موسمياتي تبديلي ۽ آفتن جي خطري جي منصوبن تي خرچ ڪيو ويندو.
هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن سبب هر سال 2 ارب ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي.
You might also like