اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري 4 کان 7 نومبر تائين 4 ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿيندو، ان دوران هو چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو.
ذريعن موجب صدر زرداري 5 نومبر تي شنگهائي ورلڊ ايڪسپو ۾ به شرڪت ڪندو، جڏهن ته چيني قيادت سان ملاقاتن ۾ سي پيڪ فيز 2، پاڪستان ۽ چين لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي سلامتي سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
اهو دورو هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي، جڏهن چيني وزيراعظم لي چيانگ تازو ئي پاڪستان جو چار ڏينهن جو دورو ڪيو.
Next Post
You might also like