ڪرائسٽ چرچ( ويب ڊيسڪ ) گروئن انجري سبب نيوزيلينڊ جو اڳوڻو ڪپتان ڪين وليمسن ڀارت خلاف آخري ٽيسٽ مان به ٻاهر ٿي ويو آهي.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب، ڪين وليمسن ٽِين ٽيسٽ لاءِ ڀارت نه ويندو، هو انگلينڊ خلاف هوم ٽيسٽ سيريز لاءِ فٽنيس تي ڪم ڪندو.
اڄڪلهه ڪين وليمسن گروئن انجري کانپوءِ ري هيب مڪمل ڪري رهيو آهي.
هيڊ ڪوچ گيري اسٽيڊ موجب، ڪين وليمسن جي فٽنيس پهريان کان بهتر آهي پر احتياطي طور کيس ڀارت خلاف شيڊيول آخري ٽيسٽ ميچ نه کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته نيوزيلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽِين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ جمعي کان ممبئي ۾ شروع ٿيندي.
نيوزيلينڊ کي ڀارت خلاف سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي سرسي حاصل آهي، جڏهن نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 28 نومبر تي شيڊيول آهي.
You might also like