پنجگور (ويب ڊيسڪ) پنجگور جي علائقي پروم ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا.
صوبائي حڪومت جي ترجمان شاهد رند موجب پروم ۾ ڊيم جي سار سنڀال تي مقرر مقامي ماڻهن تي فائرنگ ڪئي وئي.
ترجمان ٻڌايو ته اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like