لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي محمد رضوان جي قيادت ۾ آسٽريليا ۽ زمبابوي جي دوري دوران پاڪستان ٽيم جي سٺي ڪارڪردگي لاءِ پُراميد آهي.
آسٽريليا روانگي کان اڳ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان وائيٽ بال ڪپتان محمد رضوان ۽ سندس نائب سلمان علي آغا لاهور ۾ ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي محسن نقوي ڪپتان محمد رضوان ۽ نائب ڪپتان سلمان علي آغا لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو .
پي سي بي چيئرمين چيو ته وائيٽ بال ٽيم جي قيادت هڪ اعزاز آهي، آسٽريليا ۽ زمبابوي سيريز ۾ قوم کي اوهان جي قيادت ۾ سٺي ڪارڪردگيءَ جي اميد آهي.
محسن نقوي چيو ته پاڪستان ٽيم ۾ باصلاحيت پروفيشنلز آهن، آسٽريليا ۽ زمبابوي جي دوري دوران متحد ٿي کيڏجو ۽ آخري بال تائين مقابلو ڪجو.
هن چيو ته ڪاميابي تڏهن ملندي جڏهن ٽيم هڪ ٿي کيڏندي، اوهان جڏهن ملڪ لاءِ متحد تي کيڏندئو ته ڪو به هارائي نٿو سگهي.
ان موقعي تي وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ۽ نائب ڪپتان سلمان علي آغا ڀرپور اعتماد ڪرڻ تي پي سي بي چيئرمين جا ٿورا مڃيا.
محمد رضوان چيو ته آسٽريليا ۽ زمبابوي جي دوري دوران بهترين پرفارمنس ڏيکارڻ لاءِ پرُعزم آهيون، قوم جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.
You might also like