شهيد نصرالله ڪيس ۾ پوليس جاچ مڪمل نه ڪري سگهي، وري مهلت طلب

گهوٽڪي ( رپورٽ: آزاد مھر) ميرپورماٿيلو ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي, جوابدار خالد لنڊ, شهباز لنڊ،, نورمحمد لنڊ ۽ ڪيس جو جاچ آفيسر ايس ايس تنوير تنيو عدالت ۾ پيش نه ٿيا, پوليس جاچ مڪمل ڪرڻ لاء وڌيڪ مهلت گهري ورتي, پوليس جاچ مڪمل نه ڪري سگهي. شهيد صحافي جي امڙ امان پٺاڻي لڙڪ لاڙي ويٺي. ميرپورماٿيلو جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ان موقعي تي جوابدار ايم اين اي خالد لنڊ, شهباز لنڊ, نورمحمد لنڊ ۽ ڪيس جو جاچ آفيسر ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير تنيو پيش نه ٿيا جڏهن ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي ڪيس جي فريادڻ امڙ امان پٺاڻي ۽ سندس وڪيل صلاح الدين پنھور عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته پوليس ڪيس ۾ گرفتار جوابدار اصغر لنڊ کي عدالت ۾ پيش ڪيو پوليس شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي جاچ لاء وڌيڪ مهلت گهري ورتي جنهن تي عدالت ڪيس جي جاچ لاء مهلت جي درخواست منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ان سلسلي ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي ڪيس جي وڪيل صلاح الدين پنھور عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس جي جاچ لاء پوليس عدالت کان مهلت گهري آهي ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل وقت واقعي واري هنڌ جي آسپاس موجود ماڻهن کي ٽريس آئوٽ ڪيون پيا ۽ انهن کي ويري فاء ڪري رهيا آهيون ان ڪري جاچ لاء وڌيڪ مهلت ڏني وڃي  جنهن تي عدالت پوليس کي ڪيس جي جاچ لاء مهلت ڏئي ڇڏي آهي وڪيل چيو ته ڪيس جي جاچ حق آهي ۽ ٿيڻ گهرجي اسان کي به ڪيس جي جاچ ۾ انصاف جي اميد آهي ٻئي طرف عدالت ٻاهران شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ امان پٺاڻي لڙڪ لاڙي روئيندي رهي. شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران شهيد صحافي جي ڪيس جي فريادي توڙي وارثن کي هراسان ڪرڻ لاء جوابدار خالد لنڊ، شهباز لنڊ ۽ نورمحمد لنڊ جا هٿياربند گشت ڪندا رهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.