اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رٽائر ٿي ويو، سندس مان ۾ الوداعي فل ڪورٽ ريفرنس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سميت 16 ججن ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه کانسواءِ جسٽس منيب اختر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ملڪ شهزاد احمد شامل ريفرنس ۾ شريڪ نه ٿيا، جسٽس منصور علي شاهه خط لکي ريفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جا سبب بيان ڪيا، پر باقي چئن ججن جي شرڪت نه ڪرڻ جا سبب سامهون نه اچي سگهيا، ريفرنس کي خطاب ڪندي نئين چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته هڪ طرف، مون کي قاضي فائز عيسيٰ جي وڃڻ تي افسوس آهي ڇو ته اسان سندس مزاح جي عظيم احساس کي ياد ڪنداسين، جسٽس عيسيٰ هڪ بهترين ۽ خيال رکڻ وارو شخص آهي پر ڪجهه ماڻهن کي اهو ٻڌي عجيب لڳندو آهي ته چيف جسٽس تمام نرم دل آهي پر جڏهن ناراض ٿئي ٿو ته کيس منهن ڏيڻ آسان ناهي، جسٽس آفريدي چيو ته جيڪڏهن توهان جسٽس فائز عيسيٰ کي کلندي سلام ڪيو ته هو توهان سان اهڙي نرمي ۽ خلوص سان پيش ايندو جو توهان حيران ٿي ويندا، جسٽس يحيٰ قاضي فائز عيسيٰ کي رڇ سان ڀٽيندي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن توهان ڪنهن به طريقي سان کيس ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي يا رڇ کي ڇيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته توهان کي جهنم ۾ جاءِ نه ملندي ۽ صرف الله ئي توهان کي بچائي سگهي ٿو، جسٽس آفريدي چيو ته آئون پاڻ به ڪيترائي ڀيرا اهڙي صورتحال کي منهن ڏئي چڪو آهيان،”مان توهان کي ٻڌايان ٿو ته مون ڪيترائي ڀيرا هن رڇ جي ڪاوڙ کي منهن ڏنو آهي ۽ اهو ڪو خوشگوار تجربو نه هو،“
اسلام آباد ( م ڊ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته غلط فيصلا ڪيا هجن، ڇاڪاڻ ته ڪاغذ جي ٽڪرن تي جيڪو لکجي ويو اهو هڪ ڌر لاءِ فائدو ته ٻئي ڌر کي ناهي ڏيندو، سچ ڇا آهي اهو رڳو الله ئي ڄاڻي ٿو، پر اسان ڪاغذن ۽ قانون تي هلندا آهيون، ڪاغذ جي بنياد تي ڪيس ثابت ڪريون ٿا، پنهنجي مان ۾ ڏنل فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته کيس هڪ ڀيري سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي رجسٽرار ڊاڪٽر فقير محمد جي ڪال آئي ته چيف جسٽس افتخار چوڌري سڏي رهيو آهي، کيس لڳو ته چيف جسٽس ڇنڊ پٽيندو ڇو ته هو انگريزي اخبار ۾ لکي رهيو هو پر هن چيو ته بلوچستان ۾ ڪوبه جج ناهي، اوهان چيف جسٽس بڻجو، چيف جسٽس کي چيم ته پنهنجي زال جي مرضي کانسواءِ ڪو به فيصلو نٿو ڪري سگهان، چيف جسٽس بڻجڻ بعد زندگي بدلجي وئي، هو پنهنجي زال سان گڏ بلوچستان جي انهن ضلعن ۾ به ويو جتي وڃڻ جي منع هئي، بلوچستان ۾ جيڪو ڪم ڪيو، ماڻهن کي خبر آهي، بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو ان ۾ سندس گهرواري جو ڪردار هو پر گهرواريءَ چيو نالو نه آندو ويندو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪڏهن به ڪاز لسٽ ٺاهڻ ۾ مداخلت نه ڪئي، ٿي سگهي ٿو ڪيترائي فيصلا غلط ڪيا هجن، هڪ ڪاغذ هڪ پارٽي لاءِ فائدو ۽ ٻئي خلاف هوندو آهي، سچ ڇا آهي رڳو الله تعاليٰ ئي ڄاڻي ٿو، سندس چوڻ هو ته مارگلا هل تي قائم ريسٽورنٽن خلاف فيصلو ڏيڻ تي سندس پوٽي شڪايت ڪئي ته دوست ناراض آهن هوٽل چو ڪيرائي، مون چيو ته جهنگلي جيوت جي گهرن کي ڊاهي پنهنجو ڪاروبار نه ٿو ڪري سگهجي، هي علائقو پکين ۽ جانورن جو گهر آهي، انهن جو به خيال رکڻ گهرجي، اسان کي ماحوليات تي سڀني کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ماحول سٺو نه رهيو ته نه رڳو جانور پر انسانن لاءِ به رهڻ مشڪل ٿي ويندو، هن چيو ته زندگيءَ ۾ سندس گهر واري کي ويٽو پاور حاصل آهي، بلوچستان جي مشڪل علائقن ۾ گهر واري ساڻس گڏ رهي، الوداعي ريفرنس کي خطاب جي موقعي تي هن هڪ عورت طرفان ڏانهن لکيل خط پڻ پڙهيو جنهن ۾ عورت سندس ماضيءَ جي هڪ ڪيس جي فيصلي کي ساراهيو هو، هن چيو ته انصاف ڏيڻ جج جو فرض آهي، ان لاءِ ئي کيس چونڊيو ويندو آهي، منهنجي آزادي ۾ ڪجهه ڪلاڪ رهجي ويا آهن.