اسلام آباد ۾ قيدين جي وين تي حملو، پي ٽي آءِ جي ٻن ايم پي ايز سميت ڪيترائي قيدي فرار

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد ۾ قيدين جي وين تي حملو، 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، 4  حملي آورن کي به گرفتار ڪيو ويو، سنگجاني ٽول پلازه وٽ موجود هٿياربندن قيدين جي وين کي  ڏسندي مٿس فائرنگ ڪري ڏني، حملي وقت وين ۾ موجود پي ٽي آءِ جي ٻن ايم پي ايز سميت ڪيترائي قيدي فرار ٿي ويا،  پوليس ڪارروائي ڪندي فرار ٿيل ايم پي ايز سميت سمورن قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو. پوليس ذريعن موجب ڊي چوڪ تي احتجاج ڪندڙ 82 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ بعد اٽڪ جيل منتقل ڪيو پئي ويو ته حملو ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته سنگ جاني ٽول پلازه تي نامعلوم جوابدارن 3 قيدين جي وين تي حملو ڪيو، حملي ۾ پي ٽي آءِ جي ٽن ايم پي ايز سميت ڪيترائي قيدي فرار ٿي ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته قيدين جي وين ۾ ايم پي اي انور زيب، لياقت، ياسر قريشي به موجود هئا، جڏهن ته وين ۾ سرڪاري ملازم ۽ پوليس اهلڪار به موجود هئا.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته قيدين جي وين جڏهن سنگ جاني ٽول پلازه وٽ پهتي ته اڳ ۾ ئي موجود جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب قيدين جي وين جا ٽائر برسٽ ٿي ويا. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي فائرنگ سبب 4 پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس ذريعن موجب پوليس فرار ٿيل ڪيترن ئي جوابدارن کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي، جن کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو انهن ۾ هڪ ايم پي اي جو پٽ به شامل آهي.ان حوالي سان آءِ جي اسلام آباد جو چوڻ آهي ته فرار ٿيل سمورن قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي جو چوڻ هو ته ٽن قيدين جي وين ۾ 82 جوابدار هئا، جن کي اٽڪ جيل منتقل ڪيو پئي ويو، انهن جي پيشي کانپوءِ سنگجاني ٽول پلازه وٽ قيدين جي وين تي نامعلوم ماڻهن حملو ڪيو حملي وقت ڪجهه قيدي وين مان ڀڄي ويا. هن چيو ته فرار ٿيل سمورن قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کي اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو، هن چيو ته پوليس قيدين کي فرار ٿيڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي،  آءِ جي اسلام آباد چيو ته فرار ٿيڻ وارن ۾ 2 ايم پي اي به شامل آهن، جن کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، حملي آورن جو انگ 18 کان 20 هو، جن ۾ هڪ ايم پي اي جو پٽ به شامل آهي، پوليس 4 حملي آورن کي به گرفتار ڪيو آهي، جن ۾ ايم پي اي جو پٽ به شامل آهي. هڪ پوليس اهلڪار ۽ 2 ٻيا جوابدار به شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.