تهران/تل ابيب/واشنگٽن/دمشق ( ويب ڊيسڪ) اسرائيل پهرين آڪٽوبر تي ايران طرفان ڪيل بيليسٽڪ ميزائل حملن کانپوءِ جوابي ڪارروائي ڪندي ايران جي راڄڌاني تهران، شيراز ۽ ڪرج تي هوائي حملا ڪري ڏنا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پهرين آڪٽوبر تي اسرائيل تي ايران طرفان ڪيل ميزائل حملن کانپوءِ هاڻ اسرائيل جوابي ڪارروائي ڪندي ايران تي حملن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.
ايراني سرڪاري ميڊيا تهران ۾ ڌماڪن جي تصديق ڪندي چيو ته تهران ۽ ڪرج ۾7 ڌماڪا ٻڌا ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، تهران ۾ پاسدارانِ انقلاب جي هيڊ ڪوارٽر ويجهو ڌماڪا ٻڌا ويا، جڏهن ته تهران تي اسرائيلي حملي کانپوءِ ڪيئي جاين کي باهه وڪوڙي وئي.
ميڊيا رپورٽس موجب، تهران ۾ هڪ عمارت ۾ باهه لڳڻ جو اطلاع پڻ سامهون آيو هو پر تهران جي فائربريگيڊ کاتي واضح ڪيو هو ته عمارت جو بچاءَ واري وزارت سان ڪو واسطو ناهي.
ايراني مڊيا موجب، امام خميني انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي سي اي او هوائي اڏي تي حملي جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو، ڪا به اڏام معطل نه ٿيندي.
شامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته دمشق ۽ هومز ۾ به ڪيترائي ڌماڪا ٻڌا ويا، عراقي شهرن دياله ۽ صلاح الدين ۾ به ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا.
اسرائيلي فوجي اختيارين موجب، تهران حڪومت طرفان اسرائيل تي حملن جي جواب ۾ ايران جي ڪيترن ئي علائقن ۾ فوجي ٿاڪن کي ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو، ڪيترن ئي عمارتن ۾ باهه لڳي ويئي، جن مان هڪ عمارت مان 10 ماڻهن کي ڪڍيو ويو.
اسرائيلي ميڊيا موجب، ايران جي سڪيورٽي نظام موجب اهم عمارت ۾ مبينا طور ڌماڪي جا اطلاع آهن، دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته جنهن عمارت ۾ ڌماڪو ٿيو، اها تهران ۾ آهي ۽ ان عمارت مان 10 کان وڏيڪ اماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو.
اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪرج اهو شهر آهي جتي ايران جا نيوڪليئر پاور پلانٽس موجود آهن، پر هو واضح ناهي ته نيو ڪليئر پاور پلانٽس کي نشانو بڻايو ويو آهي يا نه؟ اسرائيل طرفان ايران تي حملي کان اڳ وائيٽ هائوس کي آگاهي ڏني وئي هئي.
آمريڪا جي قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان سيوٽ جو چوڻ هو ته صدر بائيڊن کي ٻڌايو ويو هو ته فوجي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي هي ڪارروائي اسرائيل طرفان پنهنجي بچاءَ جي مشق آهي ۽ اها پهرين آڪٽوبر تي ايران طرفان اسرائيل تي بيليسٽڪ ميزائلن جي حملن جو ردعمل آهي.
وائيٽ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي ايران تي حملن ۾ آمريڪا جو ڪو ڪردار ناهي، ايران تي اسرائيلي حملن کان آگاهه ڪيو ۽ صورتحال تي گهري نظر آهي.
ياد رهي ته پهرين آڪٽوبر تي ايران طرفان اسرائيل تي سڌي ريت سوين ميزائل حملا ڪيا ويا هئا، ان کانپوءِ اسرائيلي فوج ايران جي ميزائل حملن دوران اسرائيلي هوائي اڏن تي ميزائل ڪِرڻ جي تصديق ڪئي هئي.
اسرائيل جو ايران تي فضائي حملو، تهران، شيراز، ڪرج ۾ ڌماڪا، ايراني ميڊيا تصديق ڪري ڇڏي
You might also like