ايران تي اسرائيلي حملو، پاڪستان جو سخت ردعمل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان طرفان ايران تي ٿيل اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملو، ايران جي خودمختاري ۽ علائقائي سلامتي جي ڀڃڪڙي آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان اسرائيل جو ايران تي حملو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي به سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏنو.
ترجمان جو چوڻ هو ته اهڙن حملن سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچندو آهي، حملن سان خطي ۾ عدم استحڪام خطرناڪ حد تائين وڌي ويندو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسرائيل تڪرار جي وڌڻ ۽ پکيڙجڻ جو ذميوار آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، پاڪستان گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو خطي ۾ اسرائيل جي لاپرواهي ۽ مجرماڻي ورتاءُ جي خاتمي لاءِ فوري قدم کڻي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، عالمي برادري خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.