اسپنرن جو ڪمال، گورا بي حال، پاڪستان ٽن ورهين بعد پنهنجي سرزمين تي ٽيسٽ سيريز۾ سوڀارو

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان، انگلينڊ کي ٽِين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ نوَ وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 2-1 تان کٽي ورتي.
راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٽِين ۽ فيصلائتي ٽيسٽ ميچ ۾پاڪستان، انگلينڊ طرفان ڏنل 36 رنسن جو ٽارگيٽ هڪ وڪيٽ وڃائي حاصل ڪيو.
قومي ٽيم جي اسپنرن انگلش بيٽرن جون متيون منجهائي ڇڏيون، نعمان علي جون 6 ۽ ساجد خان جون 4 وڪيٽون ورتيون.
پهرين اننگز ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي نائب ڪپتان سعود شڪيل کي مين آف دي ميچ ۽ اسپنر ساجد خان کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.
پاڪستان انگلينڊ خلاف 9 ورهين بعد ٽيسٽ سيريز ۾ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته قومي ٽيم کي چئن سالن بعد هوم سيريز ۾ سوڀ ملي آهي، پاڪستان آخري هوم سيريز 2021ع ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف کٽي هئي.
پاڪستان کي 2022ع ۾ آسٽريليا، انگلينڊ ۽ 2024ع ۾ بنگلاديش کان گهرو سيريز ۾ شڪست کي منهن ڏسڻو پيو هو.
ان کانسواءِ پاڪستان انگلينڊ خلاف پنهنجي سرزمين تي ڇوٿين ٽيسٽ سيريز کٽي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.