ڇا بشريٰ بي بي سياست ۾ حصو وٺندي؟

تحرير: غلام حسين لغاري

اڳوڻي خاتون اول ۽ عمران خان جي غير سياسي گهرواريءَ  بشريٰ بي بي جو توشا خانه ڪيس ٽو ۾ ضمانت تي معجزانه طور آزاد ٿيڻ ۽ بني گالا پهچڻ ۽ بني گالا کان فوري طور پشاور هڪ وڏي پروٽوڪول ۾ ڪي پي ڪي پهچڻ حڪومت ۽ ادارن لاءِ لمحه فڪر بڻيل آهي ۽ پريشان حال آهن ته اهو سڀ ڪجهه جلدي ۾ ڪيئن ممڪن ٿيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ضمانت کنئي پر کيس هڪ ڏينهن انهي ڪري آزاد ۾ ڪرڻ ۾ دير ٿي جو نيب جج فوتگي جو بهانو بڻائي هليو ويو هو ۽ حڪومت کي موقعو مُهيا ڪيو ته ان کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي ڪري وٺي پر حڪومت ٻڌتر جو شڪار رهي ۽ آخرڪار هوءِ ضمانت تي آزاد ٿي بني گالا پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي.سندس آزادي جي خبر سندس قيد ور کي به وڪيلن ڏني جنهن وڪيلن کي بي بي لاءِ پيغام موڪليو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن بشرا بي بي کي فوري طور پشاور پهچڻ جو چيو هو جو کيس خدشو هو ته متان حڪومت کيس ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪري يا سندس چر پر تي بندش وجهي گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏي.

بشريٰ بي بي نون مهينن کان حڪومتي جبر ۽ انتقامي ڪاررواين تحت پهريان بني گالا بعد ۾ اڊيالا جيل ۾ قيد هئي مٿس نيب ۽ نڪاح عدت سميت مختلف نوعيتن جا ڪيس داخل ڪيا ويا جن ۾ نڪاح عدت ڪيس ختم ڪيو ويو ۽ نيب ڪيس ۾ سندس ضمانت به ٿي هئي پر مٿس توشا خانه ٽو جو مٿس هڪ نئون ڪيس داخل ڪري کيس قيد ۾ رکيو ويو هو.ساڻس ملاقاتن تي به پابندي لڳل هئي.26 ترميم بعد ڪنهن عدالت هي پهريون فيصلو ڏئي هڪ سياسي قيدي جي آزادي ممڪن بڻائي ڇڏي آهي.هڪ عورت ۽ سياست کان الڳ رهندڙ دنيا جي هي پهرين عورت آهي جنهن کي قيد ۾ رکيو ويو ۽ مٿس طرح طرح جا تشدد ڪيا ويا ۽ خوفزده ڪيو ويو ته جيئن سندس ور کي بليڪ ميل ڪري سگهجي ۽ کيس سياست مان ختم ڪجي پر ن ليگ حڪومت ايئن ڪرڻ ۾ ناڪام وئي ۽ پي ٽي آءِ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو جو ن ليگ ۽ سندس اتحادي فارم 47 تحت ڪامياب قرار ڏنا ويا پوءِ به مضبوط ٿي ناهن سگهيا سندن پاڙون عوام بدران ڪن ٻين سگهارين ڌرين ۾ آهن جيڪي ڪمزور پاڙون چئي سگهجن ٿيون.

بشريٰ بي بي جي ضمانت تي آزادي ۽ بني گالا تائين هڪ وڏي پروٽوڪول ۽ عوام جي آجيان ۾ پهچڻ حڪومت لاءِ ڪنهن لمحه فڪر کان گهٽ ڳالهه ناهي پر بعد ۾ اها ڳالهه هلي ته بني گالا هاڻ محفوظ هنڌ ناهي رهيو جتي بشرا بي بي اڪيلي سر رهي سگهي جو اتي خفيه ادارن پاران اهڙيون ڊوائسون لڳايون ويون يا ڳجهي طور رکيون ويون آهن جو اتي ساڻس ملاقات لاءِ ايندڙن ۽ انهن جون ڳالهيون رڪارڊ ٿي سگهن ٿيون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ممڪن ٿي سگهي ٿو.اهي به اطلاع آهن ته وفاقي حڪومت بشرا بي بي کي نظربند رکڻ لاءِ فيصلو ڪري چڪي هئي پر اهڙي فيصلي جي اعلان کان اڳ هنگامي بنيادن تحت ڪي پي ڪي حڪومت خاص طريقي سان کيس بني گالا مان ڪڍي پشاور جي سي ايم هائوس پهچايو آهي جتي هن پارٽي اڳواڻن کي پنهنجي ور عمران خان جو خاص پيغام پهچايو آهي ۽ اجلاس به ڪيو.عمران خان جي ضمانت جو ڪيس به ساڳي عدالت ۾ ٻڌڻي لاءِ لڳل آهي ۽ اهي امڪان آهن ته عدالت هن جي به ضمانت کڻي پر انجي آزادي ممڪن نظر نٿي اچي جو ڊي چوڪ احتجاج جي سلسلي ۾ مٿس بغاوت دهشتگردي ۽ عوام کي اڪسائڻ وارا ڪيس به داخل ٿيل آهن تن جي به کيس ضمانت ڪرائڻي پوندي.ايئن کڻي چئجي ته هو ڪنهن آوي ۾ پچجي مضبوط ٿي رهيو آهي.

آمريڪي پارليمينٽيرين به هن جي آزادي جو  مطالبو ڪيو آهي ۽ حڪومت سخت دٻاءِ هيٺ آهي.سندس سخت مخالف چيف جسٽس قاضي فائز عيسي به ڪالهه عهدو ڇڏي چڪو آهي نئون چيف جسٽس يحييٰ آفريدي جيڪو اڄ عهدي جو قسم کڻندو سو به حالتن کان بخوبي واقف آهي هرڀرو پاڻ کي تڪراري نه بڻائيندو ٿي سگهي ته ڪنهن حد تائين عمران خان کي رليف ملي وڃي.حڪمران ۽ سندس اتحادي پنهنجي سر زور لڳائيندا ته عمران ٻاهر نه اچ.

ضمانت تي آزادي ماڻيندڙ اڳوڻي خاتون اول هڪ مذهبي عورت آهي هن پنهنجي حڪومت هوندي به ڪڏهن ڪا سياست نه ڪئي نه وري ڪڏهن ڪنهن سياسي تقريب ۾ شرڪت ڪئي پر هاڻ اها جيل ۾ نو مهينا گذاري آئي ۾ پچي ڪري سياسي بڻجي چڪي آهي هاڻ سياسي ماڻهن ۽ پارٽي اڳواڻن سان ملي ٿي ۽ گڏجاڻيون ڪري ٿي.

بشريٰ بي بي ڀلي پشاور ۾ رهي پر وري به کيس اسلام آباد اچڻو ۽ ڪيسن کي منهن ڏيڻو آهي .حڪومت ڪنهن به صورت ۾ بشري بي بي کي نظربند يا گرفتار ڪرڻ جو ارادو رکي سگهي ٿي.سياسي حلقن موجب جڏهن به هو حاضري تي ايندي کيس امن امان ۾ خلل وجهڻ جهڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري سندس سياسي سرگرميون محدود ڪندي ته جيئن هو سياسي رابطا ڪري نه سگهي.بشري بي بي هن وقت بئريسٽر گوهر خان عمر ايوب علي امين گنڊاپور سان رابطن ۾ آهي ممڪن آهن ته بشرا بي بي مستقبل قريب ۾ ڪا ڪال ڏئي ڊي چوڪ تي احتجاج يا ڌرڻي جو سڏ ڏئي جو ڪارڪنن جو اهو فيصلو آهي ته حڪومت سان وڏو مهاڳو اٽڪائجي جو ماضي ۾ کين اڪيلو لاوارث رکيو ويو آهي.ڏسجي ته عدالتن جو رخ هن وقت پي ٽي آءِ ڏانهن آهي .قيد ۾ بند پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي ٻن ڀينرن هرهڪ عليمه خان ۽ عظميٰ خان جيڪي ڊي  چوڪ ڌرڻي ڪيس ۾ گرفتار هيون تن جي به عدالت ضمانت کنئي آهي.عليمه ۽ عظمي جي آزادي جو فائدو اڳوڻي خاتون اول کي ٿيندو هاڻ ٽئي گڏجي حڪومت جي سر ۾ سور وجهنديون ۽ هڪ مضبوط تحريڪ هلي سگهي ٿي جنهن جو فيصلو ڪي پي ڪي ۾ ٿي چڪو آهي جتان ئي تحريڪ ڪو نئون رخ اختيار ڪندي.اتان جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ڊي چوڪ واري غلطي تسليم ڪئي آهي وري نه دهرائڻ جو يقين ڏياريو آهي.اهي به اطلاع آهن ته علي امين گنڊا پور پي ٽي آءِ ۽ سگهارن وچ ۾ ٽياڪڙي ڪري رهيو آهي جنهن ۾ پ پ پ سان ٺاهه به ممڪن آهي ۽ پي ٽي آءِ ٻن سالن لاءِ پ پ پ کي راڄ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي جنهن بعد وچولي مدت واريون چونڊون ٿينديون.جيڪڏهن اهي ڳالهيون حقيقت آهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ عمران آزادي ماڻيندو مٿس داخل ڪيس واپس ورتا ويندا ۽ سندس چونڊ نشان بحال ٿيندو شريف خاندان ملڪ کان ٻاهر ويهي سياست ڪندو.بهرحال اڳوڻي خاتون اول جو سياسي بيان ۽ سياسي حڪمت عملي مان وڌيڪ ڪو اندازو لڳائي ۽ تجزيو ڪري سگهبو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.