هزارين ورهين کان دنيا ۾ ماڻهو بادام کائي رهيا آهن.
بي وقت بک لڳڻ تي سڻڀ، چرٻي واريون شيون يا ڪجهه مٺو کائڻ کان بهتر آهي ته ڪجهه بادام کائو.
بادامن ۾ اهڙا ڪيترائي غذائي جز موجود آهن جيڪي جسم لاءِ فائديمند هوندا آهن.
جيڪڏهن اوهان پنهنجي دل يا هڏن کي مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيو ته روز ڪجهه بادام کائڻ عادت بڻايو.
روز ڪجهه بادام کائڻ سان صحت تي پوندڙ اثر هيٺ بيان ڪجن ٿا.
ڪولسٽرول جي سطح ۾ گھٽتائي
بادام کائڻ جي عادت جسم ۾ هاڃيڪار ڪولسٽرول ايل ڊي ايل جي سطح ۾ گھٽتائي آڻي ٿي ۽ صحت لاءِ فائديمند ڪولسٽرول ايڇ ڊي ايل جي سطح وڌائي ٿي.
بادام سوڄ ختم ڪندڙ ۽ اينٽي آڪسائيڊنٽس خاصيتن سان ليس آهن جنهن سان به دلن جي مرضن جو خطرو گھٽ هوندو آهي.
صحتمند جسماني بهتر ۽ وزن برقرار رکڻ ممڪن
جيتوڻيڪ بادامن ۾ ڪيلوريز جو انگ وڌيڪ هوندو آهي پر ان خشڪ ميوي کي کائڻ جسماني وزن ۾ اضافي ۽ ٿولهه جي خطري کي گھٽائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي.
بس اوهان کي بادامن جي انگ جو خيال رکڻ جي ضرورت هوندي آهي.
بادام ۾ موجود پروٽين ۽ فائبدر جهڙا جز پيٽ کي وڌيڪ دير تائين ڀري رکندا آهن وزن ۾ اضافي جو خطرو گھٽجي ويندو آهي.
بلڊ پريشر گھتجي ٿو
هاءِ بلڊ پريشر اهڙو مرض آهي جنهن کي نظرانداز ڪرڻ موتمار ثابت ٿي سگھي ٿو ڇو جو ان جي نتيجي ۾ هارٽ اٽيڪ ۽ فالج جهڙي مرض جو خطرو وڌي ويندو آهي.
بادام کائڻ سان بلڊ پريشر جي سطح ۾ به گھٽتائي ايندي آهي جنهن سان به دل جي مرضن کان وڌيڪ تحفظ ملندو آهي.
اهم وٽامنز، منرلز ۽ فائبر سان ڀرپور
بادام ۾ جسم لاءِ ضرورت اهم غذائي جز جهڙوڪ ميگنيشيم، وٽامن اي ۽ غذائي فائبر موجود هوندا آهن، اهي جز صحت کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن.
اينٽي آڪسائيڊنٽس
اينٽي آڪسائيڊنٽس صحت لاءِ ضروري هوندا آهن ۽ ان سان عمر وڌڻ سان گڏ خيالن کي پهچندڙ نقصان جي به روڪٿام ٿيندي آهي جڏهن ته مخصوص مرضن جهڙو سوڄ ۽ ڪينسر جو خطرو گھٽجي ويندوآهي.
بادام ۾ ڪيترائي طاقتور اينٽي آڪسائيڊنٽس موجود هوندا آهن خاص طور تي وٽامن اي.
وٽامن اي جسم ۾ جيوگھرڙن کي دٻاءُکان تحفظ فراهم ڪندي آهي.
مختلف تحقيقي رپورٽس ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته وٽامن اي جي استعمال سان دل جي مرضن، الزائمر ۽ ڪينسر جو خطرو گھٽ هوندو آهي.
پروٽين حاصل ٿيندا آهن
بادامن ۾ پروٽين جو مقدار مناسب هوندو آهي.
پروٽين اُهو غذائي جز آهي جيڪو جسماني پٺن جي واڌ ويجهه لاءِ ضروري هوندو آهي.
اهڙيءَ طرح پروٽين جسماني وزن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ به ڪردار ادا ڪندو آهي.
مضبوط هڏ
بادامن ۾ ڪيلشيم ۽ فاسفورس جهڙا جُز به هوندا آهن جيڪي هڏن جي صحت کي بهتر بڻائيندا آهن ۽ فريڪچر جو خطرو گھٽائيندا آهن.
بلڊ شگر کي ڪنٽرول ڪرڻ سولو
کائڻ کان پوءِ بلڊ شگر جي سطح ۾ اضافو ٿيندو آهي پر بادام سان ان جي روڪٿام ٿيندي آهي جيڪا شگر جي مريضن جي صحت لاءِ اهم هوندي آهي.
هاضمي جي نظام لاءِ به فائديمند
هاڻوڪين تحقيقي رپورٽن مان اشارو ملي ٿو ته بادام غذائي نالي جي صحت کي تحفظ فراهم ڪندا آهن، هاضمي جو نظام صحت مند هجي ته مدافعتي نظام به بهتر ڪم ڪندو آهي ۽ جسم مضبوط رهندو آهي.
غذائي جُز
28 گرام بادامن ۾ 152 ڪيلوريز، 6 گرام پروٽين، 13 گرام سڻپ، 6 گرام ڪاربوهائڊريٽس، 3 گرام غذائي فائبر، هڪ گرام قدرتي کنڊ جهڙا جُز جسم کي ملندا آهن ۽ MANGANESE جهڙا منرلز حاصل ڪرڻ جو به بهترين ذريعو آهن.
ڪيترا بادام کائڻ بهتر هجي ٿو؟
هونئن ته ان جو گھڻو مقدار کائڻ گھڻو سولو هوندو آهي پر روزانو 23 يا ان کان گھٽ بادام کائڻ صحت لاءِ وڌيڪ فائديمند آهي، ڇو جو وڌيڪ مقدار کائڻ سان جسماني وزن ۾ اضافو به ٿي سگھي ٿو.
اهو خيال رهي ته 23 بادام وڌيڪ کان وڌ حد آهن ان کان گھٽ کائو ته وڌيڪ بهتر آهي.
نوٽ: اهو مضمون طبي رسالي ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، پڙهندڙ ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به ضرور مشورو ڪن.