اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف اڳوڻي وفاقي وزير جي ڀاءَ فيصل چوڌري کي قانوني ٽيم مان نيڪالي ڏئي ڇڏي.
پي ٽي آءِ ذريعن موجب، فيصل چوڌري کي پي ٽي آءِ وڪيلن جي واٽس ايپ گروپس مان ڪڍيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فيصل چوڌري ۽ انتظار پنجوٿا ڪجهه اڳواڻن جي پارٽي ۾ واپسي لاءِ سرگرم هئا ۽ ڊي چوڪ احتجاج بابت فيصل چوڌري پي ٽي آءِ باني عمران خان سان شڪايت ڪئي هئي.
ذريعن موجب، فيصل چوڌري ۽ انتظار پنجوٿا پارٽي قيادت سان مشاورت بنا ملاقاتن تي ڪم ڪري رهيا هئا، فيصل چوڌريءَ کي پي ٽي آءِ باني جي سمورن ڪيسن کان ڌار ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن فيصل چوڌري، سلمان اڪرم راجا ۽ شعيب شاهين جيل ۾ عمران خان سان ملاقات ڪئي هئي.
You might also like