عوامي آواز گڏاپ جي رپورٽر ممتاز شيخ جي رپورٽ موجب سپر هاءِ وي ويجهو لنڪ روڊ لڳ قائم 8 کان وڌيڪ وسندين کي ڊاهڻ بابت ڄاڻايل ڳوٺن جي معززين کي ڊي ايڇ اي آفيس طلب ڪري ڳوٺ خالي ڪرڻ جو زباني جو حڪم ڏنو ويو آهي. جنهن سبب علائقي ۾ سخت ڪاروڙ جي لهر پکيڙجي وئي آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اسان صدين کان آباد آهيون ۽ اسان جا ڳوٺ ليز ٿيل آهن تنهن ڪري ڳوٺ خالي نه ڪنداسين. مسمار ٿيندڙ ڳوٺن ۾ ڪريم داد جوکيو، حاجي الله داد جوکيو، شوڪت جوکيو، جمع سالار، شاهه محمد سالار، ملوڪاڻي سالار، عبدالستار جوکيو ۽ صالح جوکيو ڳوٺ شامل آهن. انهن ڳوٺن مان ڪريم داد جوکيو ڳوٺ جيڪو ڊي ايڇ اي جي ويجهو آباد آهي تنهن جي ڳوٺاڻن صحافين کي ٻڌايو ته اسان کي ستن ڏينهن اندر ڳوٺ خالي ڪرڻ ٻي صورت ۾ طاقت جي زور تي ڳوٺ ڊاهڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي.
ان زباني حڪم کانپوءِ ڪريم داد ڳوٺ سميت ڳوٺن ۾ هراس ۽ ڪاروڙ وڌي وئي آهي. سندن چوڻ آهي ته ڊي ايڇ اي جي اهلڪارن مقامي ڳوٺن جا هاڻي کان ئي رستا بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ ڌمڪي ڏني آهي ته احتجاج ڪرڻ تي ڊي ايڇ اي مان مقامي ماڻهن کي نوڪري مان نيڪالي ڏني ويندي. ٻئي پاسي علائقي جي سماجي اڳواڻن ۽ معززين صحافين کي ٻڌايو ته ديهه آبدار ۽ ديهه کديجي ۾ ڄاڻايل اٺن ڳوٺن کي هاءِ ڪورٽ سنڌ جي حڪم تي ليز ڪيو ويو آهي ۽ اهي ڳوٺ روينيو کاتي جي نقشي تي سروي ۽ سيٽل مينٽ ڊپارٽمينٽ جي نقشن تي موجود آهن ۽ اهي سڀئي ڳوٺ، ڳوٺ اسڪيم ايڪٽ 1987ع تحت ريگيولائز آهن. تنهن ڪري هاڻي ڪو به ادارو ڳوٺاڻن کي هراسان ڪندو ته توهين عدالت جي امري ۾ ايندو .
ان ڄاڻايل مٿين رپورٽ ۾ اهو ناهي ٻڌايو ويو ته انهن اٺن ڳوٺن کي ڊاهڻ کانپوءِ انهن ڳوٺاڻن جو ڇا ٿيندو، ڇا کين ڪو متبادل ملندو يا اهي مڪمل طور تي دربدر ٿي ويندا. اهو نقطو رپورٽ ۾ شايد ان لاءِ ناهي ڄاڻايو ويو. جو ان بابت ڊي ايڇ اي وٽ ڪو پلان نه هوندو يا ان ناهي ٻڌايو . بهرحال اهو انتهائي اهم نقطو آهي ته آئيني ۽ قانوني طور تي جائز هئڻ باوجود هڪ ته انهن اٺن ڳوٺن کي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ ٻيو ته انهن ڳوٺاڻن کي ڪو متبادل به ناهي ٻڌايو ويو ته کين ڪنهن ٻي جڳهه تي آباد ڪيو ويندو. اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته کين ڇو ٿو دربدر ڪيو وڃي ان جو سبب ڇا آهي جڏهن ته کين سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ليز به ڏنل آهي. اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته ڊي ايڇ اي کي ان حوالي سان توهين عدالت جو به ڪو خوف ناهي.
اها به افسوس جي ڳالهه آهي ته صدين کان آباد انهن ڳوٺن کي ڊاهڻ لاءِ ڳوٺاڻن کي صرف ستن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو ويو آهي. ڇا اهو ممڪن آهي ته ستن ڏينهن اندر ڳوٺاڻا پنهنجو ڪو بندوبست ڪري سگهندا.
سو هن رپورٽ کي ڪنهن به پاسي کان پڙهي ڏسجي ٿو ته ذيادتي ۽ ناانصافي واضح طور نظر اچي ٿي. اهو الميو صرف انهن ڄاڻايل اٺن ڳوٺن جو ناهي پر ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي ۾ ڪيئي ورهين کان قديم آباد ڳوٺن کي ڊاهڻ جو اهو ظلم جاري آهي. تاريخي طور تي ڏسجي ته جڏهن به ڪنهن ڳوٺ کي طاقت جي بنياد تي مسمار ڪرڻ جي ڪو شش ٿي آهي ته ڳوٺاڻن ڳوٺن کي ڊاهڻ لاءِ آيل بلڊوزن اڳيان احتجاج طور پاڻ ڏئيڻ کان به ناهي ڪيٻايو، ڳوٺن جون عورتون، ٻار، ٻڍا ۽ جوان هميشه سراپا احتجاج رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ڳوٺن سان ڳوٺاڻن جو جذباتي تعلق هوندو آهي هر ڪنهن کي ان ڪري پنهنجو ڳوٺ پيارو هوندو آهي ڇاڪاڻ ته ان ڳوٺ سان سندن ساروڻيون سلهاڙيل هونديو آهن. ڳوٺ ۽ گهر به پنهنجي وجود جيان پيارا هوندا آهن ۽ ڪير به پنهنجي وجود تي وار بردشت ناهي ڪندو.
جيڪڏهن اسان ڳوٺاڻن جي ان جذباتي معاملي کي سمجهي سگهون ٿا ته حيرت آهي ته حڪومتي ادارا اها ڳالهه ڇو ناهن سمجهندا. اهڙن ادارن انتظاميا ۽ حڪومت کي پوءِ ڇا چئجي جن ۾ ڪا انسانيت نظر نه اچي ۽ ڳوٺاڻن جي جذبن مٿان بلڊوزر وهائي ڇڏين ٿا. ڇا ڪو ماڻهو پنهنجي گهر کي ڊهندي ڏسي سگهي ٿو ڇا ڪير دربدر ٿيڻ پسند ڪندو.؟ اها شئي به سمجهڻ گهرجي ته ڪيترن ڳوٺاڻن پنهنجن ڳوٺن کي ڊاهڻ خلاف احتجاج طور گوليون به کاڌيون آهن ۽ جانيون به ڏنيون آهن. جيڪي پنهنجي ڳوٺن لاءِ جان ڏئي سگهن ٿا تن ماڻهن جو بجاءِ ان جي ته قدر ڪجي ساڻن عزت ۽ احترام سان ڳالهائجي پر الٽو انهن تي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي، مٿن پوليس اهلڪارن هٿان تشدد ڪيو ويندو آهي ۽ ڪافي جڳهن تي ان سان جاني نقصان به ٿيو آهي.
سو هوش جي تقاضا اها آهي ته پهريون ته قانوني طور تي قائم قديم ڳوٺن کي ڊاهڻ بدران انهن کي آهستي آهستي ترقي ڏياري شهري شڪل ۾ آڻجي پر جيڪڏهن ڪنهن به سبب ڪري کين لڏائڻ اڻ ٽر هجي ته ان لاءِ ساڻن ڳالهيون ٿيڻ گهرجن ۽ انهن ڳالهين جي نتيجي ۾ ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ کين متبادل ڏيڻ گهرجي. ٻيو ته جيڪڏهن ڪو ڳوٺ ڪٿي ناجائز طور اڏيل آهي ته ان کي شروع کان ئي ڇو آباد ٿيڻ ڏنو ويو. ادارا ۽ انتظاميا ته هر دور ۾ هئي اها ته مقامي حڪومت جي غفلت ۽ بد انتظامي چئجي نه ته ان غير قانوني طور ڳوٺن کي آباد ٿيڻ ڏنو. پر جيڪڏهن اهي ڳوٺ صدين کان آباد آهن ۽ ليز به ٿيل آهن ته پوءِ انهن کي مسمار ڪرڻ جو جواز ناهي پر جيڪڏهن ڳوٺاڻن کي لڏائڻ اڻٽر هجي ته پوءِ به حڪومت جو فرض آهي ته اها انهن اٺن ڳوٺن کي پنهنجي نگراني ۾ ڪنهن ٻي جڳهه تي آباد ڪرائڻ جي ڳوٺاڻن کي سهولت ڏئي باقي طاقت جي زور تي بي گناهه ڳوٺاڻن جو ڳوٺ ڊاهڻ ظلم ۽ زيادتي سمجهيو ويندو جنهن جي اجازت نه ڏبي. اسان سنڌ حڪومت ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪنداسين ته اهي انهن ڳوٺاڻن جي مالڪي ڪن ۽ کين دربدر ٿيڻ کان بچائين.