ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان بار باڊيز پاڪستان بار ڪائونسل، بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار، سبي، ڪيچ ۽ ڪوئيٽا بار ايسوسيئيشن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته رات جي اوندهه ۾ پارليامينٽرين کي يرغمال بڻائي ۽ هارس ٽريڊنگ ذريعي منظور ڪرايل 26 هين آئيني ترميم جا نتيجا سامهون اچي ويا آهن، سينيارٽي اصولن جي ابتڙ من پسند چيف جسٽس مقرر ڪري سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو ويو آهي، اسين جسٽس منصور علي شاهه کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي چيف جسٽس قبول نه ڪنداسين، اصولن جي ابتڙ مقرري کي قبول نه ڪنداسين.