جيئن کيڏندا آهيون، پنڊيءَ ۾ به ائين ئي کيڏنداسين: هيري بروڪ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان بيٽر هيري بروڪ پاڪستان پچز کي بيٽنگ لاءِ سازگار قرار ڏئي ڇڏيو.
پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ سيريز جي ٽئين ۽ فيصلائتي ٽيسٽ ميچ خميس کان شروع ٿيندي.
ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي هيري بروڪ چيو ته پاڪستان ۾ پچز بيٽنگ لاءِ سازگار هونديون آهن، جيئن کيڏندا آهيون ائين راولپنڊي ۾ به کيڏنداسين.
هن چيو ته هن دفعي ڪنڊيشنز تبديل آهن، 2022ع تمام گهڻيون فليٽ پچز هيون ۽ راولپنڊي ٽيسٽ ۾ هن ڀيري فليٽ پِچ ٺهندي نظر نه پئي اچي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.