26هين آئيني ترميم سان عوام کي عدالتي نظام مان تڪڙو انصاف ملندو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئيني ترميم سان عوام کي عدالتي نظام مان جلد انصاف ملندو.
وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 26هين آئيني ترميم پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اثرائتي ثابت ٿيندي، آئيني ترميم سان عوام کي عدالتي نظام مان جلد انصاف ملندو ۽ جڊيشل بئنچ جي قيام سان عام ماڻهو کي سهولت ملندي.
هن چيو ته آئيني ترميم تي حڪومت ۾ شامل جماعتن ۽ اپوزيشن جماعتن جي ڊگهي مشاورت ٿي، ترميم ۾ مدد تي صدر زرداري، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان جو ٿورائتو آهيان، جڏهن ته ان عمل ۾ نواز شريف جي رهنمائي به حاصل رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.