پنڊي ٽيسٽ: قومي پليئنگ اليون ۾ هڪ وڏي تبديلي جو امڪان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي فيصلائتي ميچ ۾ پاڪستان طرفان پليئنگ اليون ۾ هڪ تبديلي جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، ليگ اسپنر زاهد محمود جي جاءِ تي فاسٽ بالر کي شامل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي جنهن تحت محمد علي کي پليئنگ اليون جو حصو بڻائي سگهجي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد علي کي شامل ڪري ريورس سوئنگ مان مدد وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ڪوچز جي نگراني هيٺ محمدعلي ٻن ڏينهن کان مڪمل رن اَپ سان نيٽس ۾ بالنگ ڪري رهيو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز ۾ انگلينڊ پاڪستان کي پهرين ٽيسٽ ۾ اننگز 47 رنسن تان شڪست ڏني هئي، ٻي ميچ ۾ پاڪستان شاندار واپسي ڪندي انگلينڊ کي 152 رنسن تان هارائي ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.