نئين چيف جسٽس جي مقرري، سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ٽي نالا ڪميٽي ڏانهن اُماڻي ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) نئين چيف جسٽس جي مقرريءَ لاءِ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ٽن سينيئر ترين ججن جا نالا پارلياماني ڪميٽي ڏانهن اُماڻي ڇڏيا.
سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار طرفان اُماڻيل نالن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس يحييٰ آفريدي جا نالا شامل آهن.
واضح رهي ته قانون واري وزارت رجسٽرار ذريعي نئين چيف جسٽس جي مقرريءَ لاءِ نالا طلب ڪيا هئا.
ڇويهين آئيني ترميم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ نئين چيف جسٽس جي مقرريءَ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو ۽ نئين چيف جسٽس جي مقرري موجودا چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ کان ٽي ڏينهن اڳ ڪئي ويندي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رٽائرمينٽ کان اڳ چيمبر ورڪ تي هليو ويو آهي جتي هو اڄڪلهه فيصلا لکي رهيو آهي.
سپريم ڪورٽ جي ٽن سينيئر ترين ججن ۾ پهرئين نمبر تي جسٽس منصور علي شاهه، ٻئي نمبر تي جسٽس منيب اختر ۽ ٽئين نمبر تي جسٽس يحييٰ آفريدي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.