”پارليامينٽ کي عدالتي معاملن تي تجويزن جو اختيار ناهي“ 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواست داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ آئيني ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
اڱاري جي ڏينهن محمد انس نالي درخواستگذار وڪيل عدنان خان ذريعي هڪ آئيني درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ وفاق کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پارليامينٽ کي قانون سازي جو اختيار حاصل آهي، پارليامينٽ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان آئين جي ترميم ڪري سگهي ٿي.
درخواست موجب، پارليامينٽ کي عدالتي معاملن تي تجويزن جو اختيار ناهي، 26 هين آئيني ترميم آئين جي بنيادي ڍانچي ۽ ادارن وچ ۾ اختيارين ورڇ جي خلاف آهي.
درخواستگذار عدالت کان 26 هين آئيني ترميم کي بنيادي حقن ۽ عدليا جي آزادي جي ابتڙ قرار ڏئي ڪالعدم قرار جي اپيل ڪئي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.