اسلام آباد(عمران شفقت)آرمي چيف جنرل عاصم منير جي هڪ پراڻي بئچ ميٽ رٽائرڊ ميجر جنرل ملاقات ڪئي جنهن ۾ عمران خان جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون ۽ رٽائرڊ جنرل زور ڏنو ته عمران خان خلاف ڪارروايون هاڻي ختم ڪيون وڃن،ذريعن موجب آرمي چيف کيس جواب ڏنو ته چانهه پيو ۽ هليا وڃو،هن (عمران خان) پاڪستان خلاف سازشون ڪيون،توهان هن لاءِ سفارشون ڪري رهيا آهيو.