نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو ختم نه ٿيندڙ الميو

تحرير: ورثا پيرزادو

جڏھن مونکي خبر پئي منھنجو دوست جنھن سان اڃان ه ٽيون ڏينهن ئي چانھن جي ڪپ تي ڪچھري ٿي ۽ کِل ڀوڳ ڪري اٿياسين تنهن کي کنڀي گم ڪيو ويو ته منھنجي پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي.  مونکي اھو ڏينھن ياد اچي ويو جڏھن اسان جي سڄي خاندان ۾ خوف ۽ هراس واري صورتحال ھئي جڏھن منھنجو هڪ مائٽ کنڀيو ويو ھو. گھر ۾ سڀ چوندا رھيا واسطا ھلن پيا، واپس اچي ويندو پر….نيٺ سندس چچريل لاش مليو. پڙھندڙن لاءِ اهو صرف ھڪ لاش ھوندو پر منھنجي خاندان لاءِ زلزلو ھو، ايئن لڳو ڄڻ قيامت جو ڏينھن. هو ھر طرف خاموشي نه ڪير ڳالهائي سگھي نه وري ان ظلم خلاف ان وقت آواز اٿاري  ڇاڪاڻ ته سانحو ٿي گذريو.

جڏھن ڪنھن نوجوان کي  کنڀيو ويندو آهي ته رڳو ھڪ فرد کي نه ان فرد سان ڳنڍيل خوشين، خوبصورت يادگيرين ۽ روشن مستقبل کي پڻ کنڀيو ويندو آهي.. ھي ظلم ھاڻي وڌي رھيو آھي پر ھن موضوع تي ڳالهائڻ کان ماڻھو لنوائي رھيا آھن،  متان سڀاڻي اسان تي ڳالهه اچي پر ڇا اوھان تيستائين چپ رھندئو جيسيتائين توھان جو وارو اچي؟ جھڙي ريت ھي حڪومتي نظام نوجوانن، نارين، پوڙھن ۽ ٻارن کي کنڀي ٿو تنهن مان ڪابه اميد لڳائڻ ٻٻر کان ٻير  گهرڻ برابر آھي. ھي سڀاڻي اوھان جي ڳچي ۾  به ھٿ وجھي سگهن ٿا.

ھي نوجوان جن وٽ نه ڪو ھٿيار آھي نه ڪا طاقت جنھن جي زور تي ھو  بربريت جي نظام ڪيرائين هان ! پر انھن وٽ علم آھي، قلم آھي ۽ جذبا آھن جنھن جي زور تي کوکلي نظام جا بنياد ڊھي پيا آھن. اسٽبلشمينٽ انھن نوجوانن کان خوفزده به ان ڪارڻ  آھي ته ھي نوجوان انقلابي مستقبل جا ڏيئا آھن. جن کي ھڪ ڏينھن ۾ ناھي ٻاريو ويو پر صدين جي ظلم، جبر ۽ ڪاھ تي ھي ڏيئا روشن ٿيا آھن. ھي رڳو پڙھيل نه پر ڪڙھيل نوجوان آھن جن کي پنھنجي ڌرتي سان عشق آھي ۽ ھو پنھنجي ماڻھن لاءِ ذاتي خواھشن کي لتاڙي آيا آھن.

اسٽيبلشمينٽ ڪڏھن نه چاهيندي ته انقلابي جذبي سان سرشار نوجوان اڳواڻي ڪن، ڇاڪاڻ ته ان سان سندن ڪاروبار بند ٿي ويندا. انقلابي نوجوان جو پھريون قدم پنھنجي ڌرتي جي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ ھوندو, ٻيو سڀني ٻارن کي مفت ۽ معياري تعليم فراھم ڪرڻ ھوندو،  ٽيون مفت ۽ معياري صحت جون سهولتون سڄي عوام لاءِ برابري جي بنياد تي, چوٿون ترقي پسند ۽ روشن خيالي واري سوچ کي اڳتي وڌائڻ.  انھن سمورن نڪتن تي ڪم ڪندڙ جيڪو طبقو امير کان امير ٿيئي ٿو اھو بيھي ويندو ۽ انھن جو ڪوڙ ۽ ٺڳي تي ٻڌل ڪاروبار ٺپ ٿي ويندو.ھيٺين طبقي کي برابري جي بنياد تي حق ملندا جنھن سان سماج بھتري ۽ ترقي طرف ويندو پر وڏيرا، جاگيردار ۽ ظالم حڪمران آسائشن کان محروم ٿي ويندا.

اھو ئي ڪارڻ آھي جو اسٽيبلشمينٽ پنھنجي پوري طاقت سان نوجوانن کي سياست کان ڌار رکڻ جا جتن پئي ڪري، سياست کي مڪمل مڪمل طور چيڀاٽڻ لاءِ ڀرپور دٻاءُ پئي وجھي ۽ ھاڻي نيٺ پنھنجي آخري پساهن ۾ پھچي چڪي آھي جتي نوجوانن کي کڻي گم ٿي ڪري،حڪومتي ادارا انھن نوجوانن تي تشدد پيا ڪن ۽  ۽ آخر ۾ قتل ٿا ڪن.  جڏھن ڪو نظام ان سطح تي پھچي ته سمجھي وڃو انھن جو آخري وقت اچي ويو آھي ۽ ھاڻي ڪرندڙ ڀت کي رڳو ھڪ ڌڪي جي ضرورت آھي.

ڪالھه ھڪ ڏينھن ۾ 9 بلوچ شاگردن کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي ان کان اڳ ٽن سنڌي شاگردن کي کنڀيو ويو ھو جن مان ھڪ جو  لاش ڏنو ويو. ان الميي بابت ڪنهن  ماءُ کان پڇيو جنھن پنھنجي ٻچي لاءِ خواب ڏٺا، ان ڀيڻ لاءِ جيڪا پنھنجي ڀاءِ جو انتظار ڪندي رھي، ان زال کان جنھن جا نيڻ ترسي ويا. ان ٻار کان جنھن جو پيُءُ کسجي ويو. ھي ڏک ۽ پيڙا محسوس ڪرڻ کان گھڻي آھي پر ياد رھي ته جي اڄ خاموش رھياسين ته سڀاڻي خاموش ڪيا وينداسين.  ھن وقت ھڪ وڏي مزاحمت جي ضرورت آھي. جيڪا ھن ظالماڻي ڀت کي آخري ڌڪ ھڻي ڪيري وجھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.