حماس جو اسرائيلي فوج تي وڏو حملو

غزا (ويب ڊيسڪ) حماس جي عسڪري ونگ القسام بريگيڊ اتر غزا جي علائقي جباليه ۾ وڏي ڪارروائي ڪندي اسرائيلي فوج جي هٿيارن سان ڀريل گاڏين کي تباهه ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب جباليه ۾ حماس ۽ اسرائيلي فورسز ۾ دوبدو ويڙهه جاري آهي ۽ ان دوران حماس هٿيارن سان ڀريل 4 اسرائيلي گاڏين کي تباهه ڪري ڇڏيو.
حماس ڌماڪيدار مواد سان اسرائيلي گاڏين کي نشانو بڻايو.
حماس حملي ۾ ڪيترائي اسرائيلي فوجي مارجڻ ۽ زخمي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ٽيلي گرام تي پوسٽ ۾ حماس ٻڌايو ته هڪ ٽينڪ، هڪ بڪتربند اهلڪار بردار گاڏي ۽ ٻه D9 بلڊوزر قافلي ۾ هئا، جنهن کي راڪيٽن ۽ ڌماڪيدار ڊوائس سان نشانو بڻايو ويو، فوجي سامان کي ڌماڪي سان اڏايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.