ڪنڌڪوٽ مان کنڀيل اويناش ڪمار جو پتو نه پيو، وارث بي حال

ڪنڌڪوٽ (ڳالھه ٻول: ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ مان 6 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان اويناش ڪمارجو پتو نه پيو، والدين  کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا، ان ڏس ۾ گم ٿيل نوجوان اويناش جي ڀاءُ ڪيلاش ڪمار عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڀاءُ کي گم ٿيندي اڄ 6 ڏينهن گذري چڪا آهن پر هن وقت تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي ته هو ڪٿي آهي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته اويناش ڪنهن به رياستي اداري وٽ آهي ته ظاهر ڪيو ڪيو وڃي، هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ۽ چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ جي ڳولا ۾مدد ڪئي وڃي. ٻئي طرف نوجوان جي امڙ ڪانٽي ڪماري روئيندي چيو ته ٻڇڙو خبر نه آهي هن وقت ڪهڙي حال ۾ آهي، مون کي پنهنجو ٻارموٽائي ڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.