سنڌ جون يونيورسٽيون آخر ڪيستائين شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ غير محفوظ ۽ مقتل گاهه بڻيل رهنديون!

هونئن ته بيڊ گورننس ۽ لاقانونيت  جو هر  جڳهه تي حشر نشر لڳو  پيو آهي پر هاڻي ان جا خوف ناڪ اثر سنڌ جي يونيورسٽين  ۾ به ڪجهه سالن کان تيزي سان وڌندي نظر اچي رهيا آهن ۽ ان  ڪري سنڌ جون يونيورسٽيون شاگردن ۽ خاص ڪري شاگردياِڻين لاءِ انتهائي غير محفوظ ۽ مقتل گاهه بڻجي ويون آهن. ڪجهه سالن کان يونيورسٽين اندر شاگردياڻين  جي آپگهاتن جو  سلسلو اڃان ختم ناهي ٿيو  ته هاڻي يونيورسٽين  مان شاگردن جي کنڀي گم ڪرڻ جا واقعا به وڌندي نظر اچي رهيا آهن. رپورٽون آهن ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو  جي شاگرد نوجوان آفتاب احمد نندواڻي جي لاپتا ٿيڻ واري واقعي کي پنج ڏينهن گذري چُڪا آهن پر سندس ڪو ڏس پتو ناهي. انهيءَ واقعي خلاف سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن  ۽ لاپتا شاگرد جي وارثن  احتجاجي ريلي ڪڍي ۽ مظاهرو پڻ ڪيو آهي. احتجاج ڪندڙ  اڳواڻن چيو ته خدشو آهي ته ڪئمپس مان نوجوان شاگرد اغوا ٿي ويو آهي. هنن چيو ته انتظامي نا اهلي ڪري يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون غير محفوظ آهن.ايئن سنڌ يونيورسٽي جي هڪ ٻئي شاگرد ساجن ملوکاڻي جنهن کي 14 مهينا اڳ حيدرآباد مان کنڀي گم ڪيو ويو هو تنهن کي به هاڻي پنجاب جي پوليس ڪوڙو مقابلو  ڏيکاري شهيد ڪري ڇڏيو آهي.

اها صورت حال يقينن انتهائي ڳڻتي واري آهي خاص ڪري انهن والدين لاءِ جيڪي پنهنجي اولاد  کي اعليٰ  تعيلم ڏيارڻ لاءِ يونيورسٽين  اندر انهن اميدن سان موڪليندا آهن ته يونيورسٽين جون اعليٰ  ڊگريون ماڻي اسان جي اولاد سٺيون نوڪريون  وٺي خوشحال زندگي جي پيرن تي بيهي سگهندي کين اها به دلجاءِ هوندي آهي ته اسان جا ٻچا يونيورسٽين  اندر  محفوظ به هوندا پر هاڻي يونيورسٽيون  به محفوظ ناهن رهيون ۽ اهو  تمام وڏو الميو آهي. خاص ڪري شاگردياڻين لاءِ ته بلڪل به يونيورسٽيون  محفوظ ناهن رهيون.  اهي اتي اندروني طور هڪ ته خراب شاگردن جي ڪنين حرڪتن سبب پريشان  رهنديون  آهن ۽ ٻيو استادن جي هوسي لالچن  سبب غير محفوظ ٿي ذهني اذيت جو شڪار بڻجن ٿيون.  استاد کين مارڪن ۽ پاس ڪرڻ وارن معاملن تي پڻ کين بليڪ ميل ڪندا رهندا آهن.

اخباري رپورٽون اهڙي ماحول جي آگاهي ڏينديون رهنديون آهن. اهڙي ماحول کي شاگردياڻيون پنهنجي اعليٰ ڊگري  جي مفاد ۾ ۽ والدين جي خرچن کي ڏسي برداشت  ڪنديون آهن ۽گهڻي حد تائين ڪمپرومائيز  ڪنديون آهن ته بس  ڏکيو  وقت ڪيئن به ڪري گذراڻو آهي. شاگردياڻين کي اهو به خوف هوندو آهي ته ايئن نه ٿئي جو والدين کي يونيورسٽين جي خراب ماحول جي شڪايت ڪيون اهي اسان جي تعليم کي نه روڪي ڇڏين. اهي والدين جي عزت جو خيال ڪندي به صبر ۽ برداشت کي ترجيح ڏينديون آهن پر ڪي شاگردياڻيون اهڙيون به  هونديون آهن  جن جي همت جواب ڏئي ويندي آهي  پوءِ اهي اندروني طور  ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي، ذهني پريشانين ۾ مبتلا ٿي آپگهات کي ئي آخري حل سمجهنديون آهن. اهڙا ڪيترائي واقعا يونيورسٽين اندر  ٿي چُڪا آهن  جنهن سبب هاڻي والدين پنهنجين ڇوڪرين کي يونيورسٽين موڪلڻ ۽ کين هاسٽلن ۾ رهائڻ لاءِ  سئو ڀيرا سوچيندا  آهن.

اها صورت حال حقيقت ۾ حڪومت ۽ يونيورسٽي چانسلرن ۽ وائيس چانسلرن لاءِ نه رڳو تشويشناڪ پر  چئلينجنگ به هئڻ گهرجي. يونيورسٽين جي انتظاميا لاءِ اهو به نئون مسئلو  شديد  ٿيندو ٿو وڃي ته يونيورسٽين  جي شاگردن کي کنڀي گم ڪيو پيو  وڃي. اهو به يونيورسٽي انتظاميا جو  ڪم آهي ته اها پنهنجي يونيورسٽي جي شاگردن جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ کي يقيني بڻائي. اهو تاثر جوڙڻ بند ڪيو وڃي ته شاگردن جو سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ڪو  ڏوهه آهي.

هتي اها ڳالهه سمجهڻ گهر جي ته ڪو به انسان غير سياسي ناهي ٿيندو هر ڪنهن جو ڪنهن نه سياسي ڌر  يا سياسي نظريي سان سڌو يا اڻ سڌو تعلق هوندو آهي. يونيورسٽين جي شاگرد  تنظيمن کي ته ملڪي سياست جون نرسريون سمجهيو ويندو آهي.  جيئن يونيورسٽيون  ملڪن کي ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، مائڪرو بالاجسٽ، پروفيسر، تاريخدان، آرڪيالاجسٽ، اينٿرا پالاجسٽ پيدا ڪري ڏينديون آهن. تيئن ئي يونيورسٽيون  ملڪ کي سياستدان  به پيدا ڪري ڏينديون آهن پر جيئن سڄي ملڪ کي نيم مارشالائي ۽ غير جمهوري بڻائي غير سياسي  بڻائن  جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي ته تيئن شاگردن کي به خاص ڪري ضياء الحق جي دور کان وٺي غير سياسي بڻائن جي ڪوشش جاري آهي پر هاڻي ته اصل شاگردن کي کنڀي گم ڪرڻ جو به سنگين معاملو پيدا ٿي ويو آهي جيڪو ناقابل برداشت آهي. جيڪڏهن اوهان يونيورسٽين مان سياستدان پيدا ڪرڻ وارين نرسرين کي ختم ڪري ڇڏيندو ته پوءِ اهو ئي نتيجو نڪرندو جيڪو نڪري به آيو آهي ته ملڪي سياست ۽ پارليامنيٽ اندر وڏيرا، سردار، جاگيردار،  بزننس مين، ٽيڪنوڪريٽ  ايندا پر  نظرياتي ۽ تعليم يافته سياستدان بڻجي  نه ايندا. ڏٺو وڃي ته ملڪي سياست جي موجوده زوال جو پهريون سبب اهو ئي آهي ته يونيورسٽين اندر شاگرد  تنظيمن تي پابندي آهي. سنڌ حڪومت ته اها پابندي ختم ڪرڻ جا ڪيترائي ڀيرا اعلان به ڪيا آهن پر  عملي طور  يونيورسٽين ۾ شاگرد سياست ڏوهه قرار ڏنل آهي ۽ ان ڏوهه ۾ يونيورسٽين جا شاگرد کنبڻ ۽ مارجڻ لڳا آهن.

اسان جو خيال آهي ته سنڌ حڪومت کي ان پاسي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو. ان حوالي سان جيڪي به تازا واقعا ٿيا آهن جهڙوڪ آفتاب احمد نندواڻي جو لاپتا ٿيڻ ۽ ساجن ملوکاڻي جي مارجڻ واري واقعي جو  سخت نوٽيس وٺڻو پوندو ٻي صورت ۾ اهو سلسلو تيز کان تيز ٿيندو ويندو جنهن کي فوري طور  تي روڪڻ  ضروري آهي. يونيورسٽي انتظاميا جو بنيادي فرض آهي ته اها يونيورسٽين  اندر تعليم جو بهترين ماحول پيدا ڪري، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اعليٰ  تعليم يافته بڻائي  کين سماج جي خدمت لاءِ تيار ڪن، کانئن سٺي سائنسي، طبي، ٽيڪنالاجي، تاريخي، سماجي،  تحقيق ڪرائين ۽ سنڌ جي يونيورسٽين کي دنيا جي بهترين يونيورسٽين  جهڙوڪ بڻائين پر  اهو سڀ تڏهن ممڪن آهي جڏهن يونيورسٽين اندر  شاگردن ۽ شاگردياڻين کي صحتمند ذهني ماحول ملندو  اهو قائم ڪرڻ حڪومتن ۽ يونيورسٽين جي چانسلرن ۽ وائيس چانسلرن جو آهي في الحال  ته اسان جون يونيورسٽيون شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ غير  محفوظ ۽ مقتل گاهه بڻيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.