ڪراچي(رپورٽر) کير ٿر نيشنل پارڪ ڪارونجهر جيان سنڌ جو قومي ثقافتي ورثو آهي ۽ کير ٿر نيشنل پارڪ جي تحفظ لاءِ قانوني جنگ وڙهندا رهنداسين، اهڙو اظهار سنڌ انڊيجينئس رائيٽس الائنس جي سيڪريٽري جنرل حفيظ بلوچ عوامي آواز سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته اسان گذريل 11 سالن کان کير ٿر نيشنل پارڪ جي تحفظ جي لاءِ قانوني ۽ سياسي جنگ وڙهي رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ کير ٿر نيشنل پارڪ جي تحفظ جي لاءِ اسان 4 آڪٽوبر تي هڪ آئيني پٽيشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي هئي، جيڪا جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد علي سهتو جي بينچ جي سامهون لڳي هئي، ان تي عدالت اسٽي آرڊر ڏنو ۽ هڪ سيشن جج مقرر ڪيو هو ۽ ان کي هدايت ڪئي وئي هئي ته هو کير ٿر نيشنل پارڪ جو دورو ڪري ۽ حقيقتن کان عدالت کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري. 14 آڪٽوبر 2024 تي اهو دورو به ڪرايو ويو، ان دوري ۾ اسان جي وڪيلن سان گڏ کير ٿر نيشنل پارڪ جو ڊائريڪٽر، روينيو کاتي ۽ انڪروچمينٽ شعبي جا عملدار به موجود هئا. هن چيو ته ان دوري کانپوءِ کير ٿر نيشنل پارڪ کي بچائڻ واري اسان جدوجهد خلاف سازش ڪندي معاملي کي ٻيو رخ ڏيڻ جي لاءِ قبائلي تڪرار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ اتان جا سردار ۽ وڏيرا ملوث آهن، جن جا کير ٿر نيشنل پارڪ جي مائننگ ۾ مفاد آهن، اهي پاڻ کير ٿر نيشنل پارڪ جي مائننگ ڪرائي رهيا آهن، ان سان گڏ غير قانوني هنٽگ به ڪرائين پيا.. هن وڌيڪ چيو ته 14 آڪٽوبر 2024 جي شام جو هڪ رٿابندي تحت جيڪي مقامي ماڻهو کير ٿر نيشنل پارڪ کي بچائڻ چاهين ٿا انهن کي هراسان ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، هڪ قبائلي جرڳو ٺاهيو ويو جيڪو ڳوٺاڻن کي پريشان ۽ هراسان ڪرڻ جي لاءِ پهتو، ان جرڳي ۾ شامل سردارن ۽ وڏيرن ڳوٺاڻن کي ڌمڪيون ڏنيون آهن ۽ منهنجي گهرڀاتين مونکي چيو آهي ته تون پنهنجو خيال ڪر، پر آئون کير ٿر نيشنل پارڪ ضرور ويندس، کير ٿر نيشنل پارڪ اسان جو آهي ۽ ان جي تحفظ جي لاءِ وڙهندو رهندس. هن چيو ته 21 آڪٽوبر 2024 تي هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس ثناءَ اڪرم منهاس جي سامهون ٻڌڻي رکيل آهي، ان ٻڌڻي جي موقعي تي سيشن جج جي کير ٿر نيشنل پارڪ جي حوالي سان رپورٽ به پيش ٿيندي. جڏهن ته ان سان گڏ عدالت ۾ اسان ڳالهه رکنداسين ته کير ٿر نيشنل پارڪ کي بچائڻ جي لاءِ پرامن قانوني جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ ان جي موٽ ۾ اسان کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ هاڻ معاملي کي قبائلي تڪرار ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، قبائلي تڪرار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ سردارن ۽ وڏيرن جا نالا به عدالت آڏو پيش ڪري پنهنجو موقف چٽي انداز ۾ پيش ڪنداسين،