عمران خان مولانا جي واکاڻ ڪئي ۽ مشاورت جاري رکڻ جو چيو: بئرسٽر گوهر

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته عمران خان جي يو آءِ (ف) جي سربراهه سان آئيني ترميم جي صلاح مشوري کي مثبت انداز ۾ وٺندي مشاورت جاري رکڻ جو حڪم ڏنو آهي، خان صاحب مولانا جي واکاڻ ڪئي، سومر تي عمران خان سان وري ملاقات ٿيندي، اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني سان 45 منٽ ملاقات ڪئي ۽ هو ٺيڪ آهي، هن چيو ته جيل وڃڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو عمران خان پنهنجي سيل جي حالت جو ذڪر ڪيو آهي، سندس سيل ۾ 5 ڏينهن کان بجلي نه هئي، گذريل ٻن هفتن کان کيس اخبار ۽ ٽي وي جي سهولت به نه ڏني وئي، هو صرف اڍائي ڪلاڪن لاءِ پنهنجي سيل مان ٻاهر ايندو آهي، بئريسٽر گوهر چيو ته عمران خان پراميد آهي ۽ قوم لاءِ سندس پيغام آهي ته کيس 100 سال جيل ۾ گذارڻا پيا تڏهن به گهارڻ لاءِ تيار آهي، جيل ۾ عمران خان سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ جي سخت مذمت ڪريون ٿا، سندس حقن جو به خيال رکيو وڃي ۽ کيس اهي سهولتون ڏنيون وڃن، جن جو هو حقدار آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.