موسميات کاتي ڪراچيءَ جي موسم بابت اَپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي واسين لاءِ بُري خبر، موسميات کاتي سڀاڻي کان شهر ۾ گرميءَ جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
موسميات کاتي موجب، سنڌ جي راڄڌاني ۾ سڀاڻي کان هڪ ڀيرو ٻيهر موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ اهي ته سڀاڻي کان شهر ۾ گرمي پد 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ جو امڪان آهي ۽ اوتر اولهه کان گرم ۽ خشڪ هوائون گُهلنديون رهنديون.
موسميات کاتي موجب، سنڌ ۾ مختلف جاين تي موسم گرم ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته 20 ۽ 21 آڪٽوبر ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ ۾ ڪٿي ڪٿي آنڌاري ۽ برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.