اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي آئيني مسودو گڏيل طور منظور ڪري ورتو.
خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مسودي تي غور ڪيو ويو.
پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته مسودي کي گڏيل طور منظور ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت مون کي علم ناهي، سمنڊ پار پاڪستانين جي چونڊ وڙهڻ جي تجويز تي به اتفاق ڪيو ويو.
هن چيو ته خاص ڪميٽي مان منظور مسودو ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو.
خورشيد شاهه کان صحافي سوال ڪيو ته ڇا خيبر پختونخواهه جو نالو پختونخواهه ڪرڻ جي شق به شامل آهي؟ جنهن تي هن چيو ته ٻيون سموريون ترميمون ايندڙ قسط ۾ اينديون.
سندس چوڻ هو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي ٽن مهينن ۾ ٻئي ملڪ جي شهريت ڇڏڻي پوندي.
You might also like