انگلينڊ خلاف فتح، اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي: شان مسعود

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته اسان في الحال گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ملتان ۾ انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي کانپوءِ ڳالهائيندي هن چيو ته ميچ ۾ 20 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، ملتان ۾ گهڻي ڪرڪيٽ ناهي کيڏي، بنگلاديش خلاف فاسٽ بالرن کي کيڏايو، هن ٽيسٽ ۾ حڪمت عملي تبديل ڪئي ۽ اسپنرن کي آزمايو.
هن چيو ته اِها ڪاميابي ڏکئي وقت ۽ ڊگهي عرصي کانپوءِ ملي آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ اِها فتح ضروري هئي.
سندس چوڻ هو ته اسان کي هر جاءِ ويهه وڪيٽون وٺڻيون پونديون، ليڊ حاصل ڪرڻ فائديمند ثابت ٿيو، ، هر جاءِ تي اسپن وڪيٽون نٿا ٺاهي سگهون، رانديگرن کي ڪنڊيشنز موجب کيڏڻو پوندو.
قومي ڪپتان چيو ته في الحال پنڊيءَ جي پِچ بابت پتو ناهي، مان اتي به اسپن وڪيٽ ڏسڻ چاهيان ٿو، پنڊيءَ جي ڪنڊيشنز ڏسي بهترين پليئنگ اليون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته نئين سليڪشن ڪميٽي چيو ته ٽيسٽ ميچ کٽڻ لاءِ ويهه وڪيٽون ڪيئن حاصل ڪرڻيون آهن؟ نعمان علي ۽ ساجد خان بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، فتح لاءِ رسڪ کڻڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.