اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازمن جي ٻارن جي ڪوٽا بابت تفصيلي لکت فيصلو جاري ڪندي اشتهار يا اوپن ميرٽ بنا سرڪاري ملازمن جي ٻارن کي ملازمت ڏيڻ جي پاليسي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سرڪاري ملازمن جي ٻارن جي ڪوٽا بابت سپريم ڪورٽ جو 11 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس نعيم اختر افغان لکيو.
فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازمن جي ٻارن بابت سمورين پاليسين ۽ پيڪيجز جي ڪوٽا غير آئيني قرار ڏيندي جي پي او جي اپيل منظور ڪري ورتي ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو 2021 جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ڪوٽا بابت پرائم منسٽر پيڪيج فار ايمپلائمينٽ پاليسي ۽ ان جو آفيس ميمورنڊم، سنڌ سول سرونٽس رولز 1974 جو سيڪشن 11 اي ۽ خيبر پختونخواهه سول سرونٽس رولز 1989 جي سيڪشن 10 جي ذيلي شق 4 کي به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
ان کانسواءِ عدالت بلوچستان سول سرونٽس رول 2009 جي شق 12 کي به ڪالعدم قرار ڏيندي اشتهار يا اوپن ميرٽ بنا بيواهه يا ٻار جي سرڪاري ملازمت ۾ ڪوٽا آئين سان ٽڪراءُ قرار ڏئي ڇڏيو.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪوٽا آئين جي آرٽيڪل 3، 4، 5 جي ذيلي شق 2، آرٽيڪل 25 ۽ آرٽيڪل 27 سان ٽڪراءُ آهي، اشتهار يا اوپن ميرٽ بنا سرڪاري ملازمن جي ٻارن کي ملازمت ڏيڻ جي پاليسي ختم ڪئي وڃي، وفاق سميت سڀئي صوبائي حڪومتون اها پاليسي ختم ڪن.
سپريم ڪورٽ موجب عدالتي فيصلو اڳ کان سرڪاري ملازمن جي ٻارن کي ملندڙ ڪوٽا تي لاڳو نه ٿيندو، عدالتي فيصلو دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيدن جي وارثن کي ملندڙ پيڪيجن ۽ پاليسين تي به لاڳو نه ٿيندو.
فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته وزيراعظم کي به ڪوٽا بابت رولز نرم ڪرڻ جو اختيار ناهي، اڻ برابر ورتاءَ سان سٺي حڪمراني جو ڪريڊٽ نٿو کڻي سگهجي، ڪوٽا تي ملازمتون ڏيڻ ميرٽ جي خلاف هجڻ سان گڏ امتيازي ورتاءُ به آهي.
واضح رهي ته شهري محمد جلال پيءَ جي رٽائرمينٽ تي ملازمت حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو هو، پشاور هاءِ ڪورٽ محمد جلال کي ڪانٽريڪٽ تي ملازمت ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي، پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف جي پي او سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي.
Next Post
You might also like