اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت ڊاڪٽر عافيه صديقيءَ جي سزا معاف ڪرڻ لاءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن کي خط لکي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آمريڪي جيل مان آزادي ۽ ڏيهه واپسي بابت درخواست تي جسٽس سردار اعجاز اسحاق ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر فوزيه صديقي طرفان وڪيل عمران شفيق عدالت ۾ پيش ٿيو.
ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪندي ٻڌايو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف عافيه صديقي جي سزا معاف ڪرڻ لاءِ آمريڪي صدر کي خط لکيو آهي.
ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ فوزيه صديقي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جڏهن ته پنهنجي ڀيڻ سان آمريڪي جيل ۾ ملاقات پڻ ڪري چڪي آهي.
” وزيرِاعظم شهباز شريف عافيه صديقيءَ جي سزا معاف ڪرڻ لاءِ آمريڪي صدر کي خط لکي ڇڏيو“
You might also like