نعمان علي ۽ ساجد خان اڌ صدي اڳ قائم ٿيل رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو

ملتان (ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپنرز نعمان علي ۽ ساجد خان 52 ورهين کانپوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.
انگلينڊ جون سموريون 20 ئي وڪيٽون ٻنهي بالرن حاصل ڪيون ۽ اِهو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ستون ڪنهن ميچ ۾ ويهه ئي رانديگرن ٻن بالرن هٿان آئوٽ ٿيا آهن.
نعمان علي انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ 11 ۽ ساجد خان 9 وڪيٽون حاصل ڪيون.
پاڪستان طرفان ٻيو ڀيرو ڪنهن ٽيسٽ ميچ ۾ ويهه ئي وڪيٽون ٻن بالرن حاصل ڪيون آهن، ان کان اڳ ٻن بالرن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ويهه وڪيٽون وٺڻ جو ڪارنامو 68 سال اڳ انجام ڏنو هو.
پاڪستان 1956 جي ڪراچي ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا کي نوَ وڪيٽن تان هارايو هو، ان ميچ ۾ فضل محمود ۽ خان محمد گڏيل طور تي 20 رانديگر آئوٽ ڪيا، فضل محمود ميچ ۾ 13 ۽ خان محمد 7 وڪيٽون ورتيون هيون.
پاڪستاني اسپنرن ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ٽيون ڀيرو هڪ ميچ ۾ سمورن 20 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو آهي، ان کان اڳ 1987ع ۾ انگلينڊ خلاف توصيف احمد، عبدالقادر ۽ اقبال قاسم 20 ئي وڪيٽون ورتيون هيون.
آخري ڀيرو 1972ع ۾ آسٽريليا جي ڊينس للي ۽ باب ميسي انگلينڊ خلاف سموريون ويهه ئي وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.