حڪمران سنڌ کي ڪربلا بڻائڻ چاهين ٿا:وسند ٿري

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ حورالنساءَ پليجو، ڊاڪٽر دلدار لغاري،  نور نبي پليجو ۽ حسين سومرو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ارسا ايڪٽ ترميم سنڌي قوم لاءِ اجتماعي ڊيٿ وارنٽ آهي. هن ترميم وسيلي سنڌ جو پاڻي بند ڪري حڪمران سنڌ کي ڪربلا بڻائڻ چاهين ٿا. هنن چيو ته وفاق طرفان چولستان ڪينال ۽ مروت ڪينال جي منظوري سنڌين جي نسل ڪشي برابر آهي. پيپلز پارٽي انهن ڪينالن جي منظوري خلاف آئيني فورم استعمال ڪرڻ بدران سکڻي بيانبازي ڪري رهي آهي. سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ پيپلز پارٽي جي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو.17

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.