اسلام آباد(م ڊ) پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ن ۽ جي يو آءِ ۾ آئيني ترميم تي ڳالهه ٻول ٿي آهي، حڪومت ترميمي بل قومي اسيمبلي کان اڳ سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. صدر آصف علي زرداري، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف سان ملاقات لاءِ جاتي امرا پهچي ويا. رپورٽ موجب صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو پيپلز پارٽي جي وفد سان گڏ جاتي امرا پهتو. پيپلز پارٽي جي وفد ۾ گورنر پنجاب سردار سليم حيدر، سيد نويد قمر، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبر جميل سومرو شامل آهن. جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان وفد سان گڏ جاتي امرا پهتو. نواز شريف، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جو جاتي امرا پهچڻ تي استقبال ڪيو. 26هين آئيني ترميم تي مشاورت لاءِ مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ (ف) جو مشاورتي اجلاس جاتي امرا ۾ جاري آهي، اجلاس ۾ اٽارني جنرل منصور عثمان به شرڪت ڪري رهيو آهي۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ٽنهي پارٽين جي گڏيل مسودي تي اتفاق راءِ جو امڪان آهي، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ (ف) وچ ۾ آئين جي مسودي تي اڳ ئي اتفاق ٿي چڪو آهي، 26هين آئيني ترميم جي گڏيل مسودي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. واضح رهي ته وفاقي ڪابينا جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 26هين آئيني ترميم جي منظوري ڏني ويندي.
اسلام آباد(م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان گڏجاڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالتي سڌارن تي اتفاق ٿي چڪو آهي، باقي ڪجهه نڪتا آهن جن تي اتفاق جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. مولانا فضل الرحمان چيو ته شروعاتي حڪومتي ترميمي مسودي کي اڳي به رد ڪيو هو ۽ هاڻ به رد ڪيون ٿا. هن چيو ته سڌارن ذريعي ادارن جي مداخلت بند ڪري پارليامينٽ جو مٿاهون ڪردار بحال ڪيو ويندو. پ پ چيئرمين بلاول چيو ته ڪجهه شين تي اتفاق ٿي ويو آهي اسان آئين جي بالادستي جي ڳالهه ڪيون ٿا. هن چيو ته پارليامينٽ جي ڪردار کي اهميت ڏيڻ گهرجي..وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته آئيني ترميم تي ٽي پارٽيون هڪ ٿي ويون آهن، ڪجهه شين تي جلد اتفاق راءِ ٿي ويندو. انصاف جي حصول لاءِ رولڙو ختم ڪرڻ چاهيون ٿا.