مسئلا طاقت بدران ڳالهين سان حل ڪيا وڃن:شنگهائي ڪانفرنس

اسلام آباد (م ڊ) شنگهائي سهڪار تنظيم سربراهي ڪانفرنس جي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي، ايس سي او ڪانفرنس جي گڏيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته عوام کي سياسي، سماجي ۽ معاشي ترقي جي رستي جو آزداڻي ۽ جمهوري طور چونڊ جو حق حاصل آهي، رياستن جي خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سلامتي جو گڏيل احترام پائيدار ترقي جي بنياد آهن، طاقت جي استعمال جي ڌمڪي نه ڏيڻ جا اصول عالمي لاڳاپن جي پائيدار ترقي لاءِ بنياد آهن، پڌرائيءَ ۾ ملڪن وچ ۾ اختلاف ۽ تڪرار ڳالهه  ٻولهه ۽ مشاورت ذريعي حل ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو ويو ته منصفاڻي امن، هم آهنگي ۽ ترقي لاءِ عالمي اتحاد يو اين جنرل اسيمبلي مان ٺهراءُ جي منظوري جي تجويز کي هٿي ڏني ويندي، پڌرائي موجب، ايس سي او سيڪريٽريٽ جي رپورٽ ۽ 2025ع جي بجيٽ جي منظوري به ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ايس سي او ميمبر ملڪن جي سربراهن جو ايندڙ اجلاس 2025ع ۾ روس ۾ ٿيندو، پڌرائيءَ موجب، سياست، سلامتي، واپار، معيشت، ماليات ۽ سيڙپڪاري وارن شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي، عالمي واپار ۾ رنڊڪن، سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي غيريقيني صورتحال جو سبب بڻجي رهي آهي، سپلاءِ چينز جو خلل عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ غير يقيني واري صورتحال جو سبب بڻجي رهيو آهي، واپاري قدمن کي بهتر ڪرڻ ۽ مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻ جون گڏيل ڪوششون جاري رکيون وينديون، ڪانفرنس پڌرائيءَ ۾ زرعي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ واري پروگرام جي منظوري ڏيندي چيو ويو آهي ته عالمي غذائي تحفظ، غذائيت ۾ بهتري ۽ تحقيقاتي سهڪار جي ضرورت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته نوجوانن لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ ۽ انهن لاءِ بهتر موقعا پيدا ڪرڻ وارن پروگرامز جي ترجيح تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ عالمي دنيا جو مقابلو ڪرڻ ۽ مصنوعي ذهانت لاءِ نون تحقيقي منصوبن تي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. پڌرنامي موجب هڪ طرفي پابندي سان ٽين ملڪن ۽ عالمي معاشي لاڳاپن تي ناڪاري اثر پون ٿا. اجلاس ۾ روس، تاجڪستان، ازبڪستان، بيلاروس، ايران، قزاقستان، ڪرغزستان ۽ پاڪستان پاران چين جي ون بيلٽ ون روڊ منصوبي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.