عمران خان آڪسفورڊ يونيورسٽي جي وي سي واري ڊوڙ کان ٻاهر

واشنگٽن  (م ڊ  ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو آڪسفورڊ يونيورسٽي جو چانسلر بنجڻ جو خواب اڌورو رهجي ويو آهي.آڪسفورڊ يونيورسٽي جي چانسلر جي چونڊ اميدوارن جي فهرست جاري ٿي وئي آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جو نالو شامل نه آهي. آڪسفورڊ يونيورسٽي جي چانسلر جو عهدو روايتي ۽ علامتي نوعيت جو هوندو آهي ۽ انهي چونڊ ۾  اهم شخصيتون حصو وٺي رهيون آهن.اميدوارن ۾ برطانيه جي ڪنزرويٽر پارٽي جي اڳوڻي وزيراعظم بورس جانسن، مشهور برطانوي آرڪيٽيڪيٽ سرنورمن فوسٽر ۽ مشهور وڪيل بيرسٽر پيٽر ڪريڪ شامل آهن.گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ اڳواڻ زلفي بخاري نجي  چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو هو ته باني عمران خان جي آڪسفورڊ چانسلر شپ جي مهم لاءِ لابنگ فرمز جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن. ذولفي بخاري چيو ته عمران خان جي ميڊيا ۽ آڪسفورڊ جي چانسلر شپ جي مهم ڪرڻ لاءِ ٻن کان ٽن لابنگ فرمز جون خدمتون حاصل ڪيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.