حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ صوفين، درويشن، عالمن جو ديس آهي، سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي انتهاپسندي قبول نه ڪئي ويندي، 27 آڪٽوبر تي عمرڪوٽ ۾ سائين جي ايم سيد، شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، مخدوم بلاول، شاھ عنايت شهيد ۽ ٻين عالمن جو پيغام پهچائڻ لاءِ “پيغام سنڌ مارچ” ڪيو ويندو، سنڌ ماڻهو سنڌو درياهه تي ڪو به ڪٽ برداشت نه ڪندا، جيڪڏهن خاموشي اختيار ڪئي ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي بجاءِ واري اڏامندي رهندي. جسقم چيئرمين 27 آڪٽوبر تي عمرڪوٽ ۾ اعلانيل “پيغام سنڌ مارچ” جي تيارين جي سلسلي ۾ حيدرآباد پهتو، تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ قاسم آباد ۾ حيدرآباد ڊويزن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ديدار شام، مومن سمون ۽ ضلعن جا اڳواڻ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ جسقم چيئرمين چيو ته اسان عمرڪوٽ ۾ ڪو نفرت ڦهلائڻ نٿا وڃون، اسان سنڌ جي پيار، محبت، امن، رواداري، سهپ ۽ ڀائيچاري جو پيغام کڻي هلون ٿا. هن چيو ته سنڌ صوفين، درويشن، عالمن جو ديس آهي، تنهن ڪري سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي انتهاپسندي قبول نه ڪئي ويندي. عمرڪوٽ ۾ سائين جي ايم سيد، شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، مخدوم بلاول، شاھ عنايت شهيد ۽ ٻين عالمن جو پيغام کڻي پهچي پيغام سنڌ مارچ ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ کي بنجر بنائڻ لاءِ سنڌو درياھ مٿان 6 نوان ڊيم ٺاهڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي، پاڻي ورڇ واري اداري ارسا ۾ ترميمون ڪري هيل تائين ٿيل سمورن پاڻي معاهدن کي ختم ڪيو ويو آهي، خاموشي اختيار ڪئي وئي ته سنڌو درياھ ۾ پاڻي بدران رڳو واري اڏامندي نظر ايندي ۽ سنڌ جنهن جو گذر معاش ئي زراعت تي آهي، جيڪو سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ سبب مڪمل تباھ ٿي ويندو، تنهن ڪري سنڌو درياءُ مٿان ڊيمن، ڪينالن ٺاهڻ جو راڳ بند ڪيو وڃي، اجلاس ۾ ضلعن جا اڳواڻ، رمضان خاصخيلي، ايڊووڪيٽ نواب بڙدي، فيصل مستوئي، آزاد ڪنڀر، رشيد ڏيٿو، سومر خان جمالي، بابو جان خشڪ، ظہور هاليپوٽو، جساف اڳواڻ سھيل ڀٽو، مور شاھ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.17