گهوٽڪي( ويب ڊيسڪ ) راونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ اسد شاهه دما دم ويجهو ڌاڙيلن اڳوڻي ايم اين اي ۽ پ پ اڳواڻ شهريار خان شر جي قافلي تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اڳوڻي ايم اين اي ۽ پ پ اڳواڻ شهريار خان شر کي ايس ايس پي گهوٽڪي حفيظ الرحمان بگٽي راونتي جي ڪچي مان بحفاظت اوٻاوڙو پهچايو.
ڌاڙيلن جي حملي ۾ شر گينگ جي قبيلي جو عمر شرف به مارجي ويو، حملي جي هڪ زخمي جان محمد بگٽي کي سول اسپتال ميرپور کان رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شهريار خان شر ۽ ساٿي ڪچي جي راونتي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.
ذريعن موجب، اڄ جڏهن شهريار شر ساٿين سميت ڪچي ۾ پهتو ته ڌاڙيلن ان جو فائدو وٺندي مٿس حملو ڪري ڏنو.
You might also like