بنون ۾ پوليس لائن تي حملو، 4 اهلڪار شهيد، 5 حملي آور مارجي ويا

بنون (ويب ڊيسڪ) پوليس لائن تي دهشتگردن جي حملي ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 5 حملي آور به مارجي ويا.
پوليس لائن جي مين گيٽ تي پوليس اهلڪارن تي برقعي پوش دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس ۽ حملي آورن وچ ۾ هڪ ڪلاڪ تائين فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جوابي فائرنگ ۾ 5 حملي آور پڻ مارجي ويا.
واقعي کانپوءِ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پوليس اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. هن چيف سيڪريٽري، آءِ جي ۽ صوبائي وزير پختون يار کي بنون پهچڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.