لاهور ( ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ پوليس نجي ڪاليج ۾ شاگردياڻي سان مبينا زيادتي واري واقعي جي هيل تائين تصديق کان پاسو ڪري رهي جڏهن ته واقعي تي شاگردن سخت احتجاج ڪيو جنهن دوران پوليس ۽ شاگردن ۾ چڪرين دوران 28 شاگرد زخمي ٿي پيا.
ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور فيصل ڪامران موجب 4 کان 5 نجي اسپتالن ۾ شاگردياڻي جي داخلا جو ڪو رڪارڊ ناهي. سيڪيورٽي گارڊ تحويل ۾ آهي پر هو واقعي کان انڪاري آهي، ڪاليج جي ڪلوز سرڪٽ ڪيمرائن مان به ڪي شاهديون ناهن مليون ان ڪري افواهن تي يقين نه ڪريو، ڪا ڇوڪري يا والدين سامهون ناهن آيا، متاثر ئي ناهي ته ڪنهن تي ڪيس ڪريون؟
واقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين مسلم ٽائون موڙ ويجهو ڪينال روڊ تي احتجاج ڪيو جنهن دوران شيشا لڳڻ سبب شاگرد زخمي ٿيو.
ريسڪيو موجب نجي ڪاليج جي شاگردياڻي گلبرگ برانچ ٻاهران مظاهرو ڪيو، جتي شاگردن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿيون.
مظاهرين ۾ زخمي 28 ڄڻن کي طبي امداد ڏني وئي، زخمين ۾ 4 پوليس اهلڪار به شامل هئا. تعليم واري صوبائي وزير رانا سڪندر حيات پهچي مظاهرين کي انصاف جي خاطري ڪرائي.
هن پوليس کي لٺبازي کان روڪيو ۽ خاطري ڪرائي ته جن ثبوت ضايع ڪيا انهن استادن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، شاگرد پرامن احتجاج ڪن، جنهن کانپوءِ شاگرد ڇڙ وڇڙ ٿي ويا.
لاهور: نجي ڪاليج ۾ شاگردياڻي سان مبينا زيادتي وارو واقعو ڳجهارت بڻيل، شاگردن جو احتجاج، گرفتاريون
You might also like