عدالتي حڪم باوجود شهيد نصر الله ڪيس ۾ جاچ آفيسر چالان پيش نه ڪيو، مهلت طلب

گهوٽڪي (رپورٽ:آزاد مھر ) ميرپورماٿيلو ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ ٿي. ان موقعي تي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا وارث  شاهد, وڪيل، ڪيس جو جاچ آفيسر ايس ايس پي تنوير تنيو, جوابدار عبدالله لنڊ ۽ اصغر لنڊ  پيش ٿيا. ڪيس جي جاچ آفيسر پاران مهلت طلب ڪرڻ تي عدالت 25 آڪٽوبر تائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي وڪيل صلاح الدين پنھور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو ڪيس خراب ڪرڻ لاء حربا استعمال ڪيا پيا وڃن 90 ڏينهن ۾ پوليس کي ڪيس جو چالان پيش ڪرڻو هو پر جاچ جا بهانا بڻائي 5 مهينا گذري وڃڻ بعد شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي ڪيس جو چالان عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي گذريل ٻڌڻي تي اڳوڻي جاچ آفيسر سراج لاشاري جي جاچ رپورٽ ۾ جوابدار خالد لنڊ جو نالو خارج ڪرڻ ۽ ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم ختم ٿيڻ واري رپورٽ کي رد ڪندي عدالت جوابدارن جون ضمانتون رد ڪري ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ان باوجود ڪيس جاچ لاء ٽيون جاچ آفيسر ايس ايس پي تنوير تنيو کي مقرر ڪيو ويو آهي  اسان کي ايس ايس پي تنوير تنيو مان به انصاف جي اميد آهي وڪيل وڌيڪ چيو ته ڪيس کي خراب ڪرڻ لاء بار بار جاچ آفيسر تبديل ڪيا پيا وڃن جنهن خلاف اسان عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي  هوڏانهن عدالت ٻاهران شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي نئين جاچ آفيسر ايس ايس پي تنوير تنيو چيو ته ڪيس عدالت ۾ هلي پيو ان ڪري آء وڌيڪ ڪجهه نه ڳالهائيندس ڪيس جي جاچ جلد مڪمل ڪري رپورٽ عدالت م پيش ڪنداسين هوڏانهن عدالت ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران سندس ڀاء محمد يعقوب گڏاڻي ۽ ٻيا وارث پيش ٿيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.