ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پوليس جي چيف جاويد عالم اوڍو سنڌ بوائز اسڪائوٽس آڊيٽوريم ۾ ڪراچي آفيسرن کي خطاب ڪندي پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. پوليس چيف ڏوهن ۽ دهشتگردي خلاف موثر حڪمت عملي ٺاهڻ جون هدايتون جاري ڪيون. چيني سيڪيورٽي کي ممڪن طور فول پروف بڻائڻ جو حڪم ڏنو، سينيئر آفيسر سيڪيورٽي انتظامن جو ڀرپور جائزو وٺندا ۽ اتي موجود آفيسرن ۽ اهلڪارن کي بريفنگ ڏيندا. هن پوليس اسٽيبلشمينٽ جي سيڪيورٽي لاءِ اهم قدمن تي عملدرآمد تي زور ڏنو. شهر ۾ ڏوهن جي خاتمي لاءِ ڪومبنگ آپريشن، گشت وڌائڻ ۽ ٻين آپريشنل سرگرمين جا حڪم ڏنا، آفيسرن کي کليل عدالت جون هدايتون عوامي مسئلن بابت آگاهي وڌائڻ ۽ پوليس تائين عوام جي پهچ کي فعال ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. شهر جي اندرين ۽ ٻاهرين رستن تي اسنيپ چيڪنگ ۽ ناڪابندي وڌائڻ ۽ انٽيليجنس نيٽ ورڪ کي فعال ڪرڻ جا حڪم ڏنا، منشيات جي اسمگلنگ، گاڏين جي چوري ۽ ٻين منظم ڏوهن خلاف سخت قدم کنيا وڃن. جاچ آفيسر تحقيقاتي معاملن ۾ جدت آڻين ۽ جوابدارن جي فوري نشاندهي کي يقيني بڻائين ته جيئن کين سخت کان سخت سزا ملي سگهي. ٽريفڪ پوليس کي هدايتون ڏنيون ته ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ۽ شهر ۾ ٽريفڪ جي روانگي کي برقرار رکيو وڃي ۽ ٽريفڪ ضابطن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. آخر ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پوليس جي شهر ۾ ڏوهن جي خلاف ڏنل قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو.