ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي علائقي دڪي ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته دڪي ۾ شٽربند هڙتال ۽ مارجي ويل پورهيتن جا لاش ڪوئيٽا جي باچاخان چوڪ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، رات دير سان دڪي جي ضلعي چيئرمين حاجي خير الله جي ڪوئلي جي کاڻن تي هٿياربندن راڪيٽ ۽ دستي بمن سان حملو ڪري فائرنگ ڪئي، حملي ۾ عبدالمالڪ، مولا داد، سيد الله، جلال خان، فضل، روزي خان، نصيب الله، سميع الله، عبدالله، ملنگ، حمد الله، عبدالولي ۽ حيات الله سميت 20 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن جو تعلق پشين، قلعه سيف الله، زوب، مسلم باغ، موسيٰ خيل، ڪچلاڪ ۽ افغانستان سان آهي، اطلاع ملڻ بعد پوليس، ايف سي ۽ ٻين واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو، ڪوئلي کاڻ جي مالڪ حاجي خير الله جو چوڻ آهي ته هٿياربندن ڪوئلي جي کاڻن جي ڏهن مشينن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي، پورهيتن جي مارجڻ واري واقعي خلاف دڪي ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، وارثن ۽ شهرين پاران لاش ڪوئيٽا جي باچاخان چوڪ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ٻي پاسي وزيراعظم شهباز شريف دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي، سندس چوڻ آهي ته هو هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهن، وزيراعظم، واقعي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي واقعي تي فوري ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر غريب پورهيتن کي نشانو بڻائي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي، پورهيتن کي آسان هدف سمجهي نشانو بڻايو ويندو آهي، هي دهشتگرد بزدل آهن، دهشتگردن جي ايجنڊا پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ آهي، کين انجام تائين پهچايو ويندو، هڪ هڪ بيگناهه جي قتل جو حساب وٺندا، پورهيتن جو رت رائيگان نه ويندو.