دوڙ ڀرسان مبينا طور تي گم ٿيل نوجوان جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ

دوڙ ( ن ع آ ) دوڙ رپورٽ غلام مصطفي بروهي دوڙ گزريل ڏينهن شام جودوڙ شھرجي ھائوسنگ سوسائٽي مان مبينا طور تي گم ٿيل 18 سالن جي نوجوان  مدثر علي وڳڻ جو ڇرين جا وار ڪري بي. بي درديءَ سان ڳلو ڪپي قتل ٿيل لاش علائقي آل اصف بنگلوز مان تشدد ٿيل نوجوان جو لاش ھٿ آيو آهي، مڙهه  اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، دوڙ جي علائقي آل اصف بنگلوز مان نوجوان جو تشدد ٿي لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو.اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو جتي لاش جي سڃاڻپ 18 سالا نوجوان مدثر وڳڻ ولد مطلوب وڳڻ جي نالي سان ڪئي وئي. ان موقعي تي وارثن نويد وڳڻ تصديق ڪندي چيو ته منھنجو ڀاڻيج گذريل شام کان گھران نڪتل ھيو. رات اٺين کانپوءِ فون بند ٿي ويو.جنھن کانپوءِ اسان سڄي شھر ۾ مقتول جي ڳولا ڪئي پر ڪٿي به ھٿ نه آيو.اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني نه ھئي منھنجي ڀاڻيج کي تيز ڌار ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو آھي.منھنجي ڀاڻيج جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.جڏھن ته لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو، هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.